ڏوڪري: درگاھه لواري شريف جي اٺين سجاده نشين جو عرس ملھايو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) درگاھه عاليه لواري شريف جي اٺين سجاده نشين حضرت پير حاجي فيض محمد قريشي نقشبندي قدس سرهه جن جو 29 هون ساليانو عرس مبارڪ درگاھه عاليه لواري شريف تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو،
عرس مبارڪ جي مک تقريب موجوده سجاده نشين حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي طرفان درگاھه عاليه لواري شريف تي ٿي گذري، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ جماعت لواري شريف جي مريدن ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي، تقريب جو آغاز ظھر نماز سان ڪيو ويو،
جنهن بعد قرآن خواني، تسبيح ۽ حمد و ثنا بعد دعا گھري وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج، ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ ترقي لاء خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون، عرس مبارڪ جي موقعي تي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر سڄو ڏينهن جاري رهيو،
عرس شريف جا انتظامات سنڀالڻ ۾ نشات تنظيم جماعت لواري لواري شريف, ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ۽ نشات گرلز ونگ جماعت لواري شريف جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن بخوبي خدمتون سرانجام ڏنيون, ٻئي طرف درگاھه شريف حضرت قاضي احمد رحه ۽ اسلام قلب ڪراچي ۾ پڻ عرس شريف نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو،
جڏهن ته حيدرآباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، ڏوڪري ئ، ڪوٽ قبولو، شير محمد جوڻيجو، غلام حسين ٻٽ، دادو، گنداخه بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڻ عرس مبارڪ جون تقريبون ٿي گذريون.
جنوري 2, 2024