پيپلزپارٽي خلاف ھر دور ۾ رڪاوٽون وجهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آھن: سيد فضل علي شاھ جيلاني
راڻي پور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو )پيپلزپارٽي جا مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪا آهن.پير سيد فضل علي شاھ جيلاني پيپلزپارٽي مخالف پارٽين کي تڪن جي لاءِ اميدوار ئي نه پيا ملن سندن شڪست يقيني بڻجي وئي آهي.
شيراز شوڪت راڄپر خبر موجب قومي اسيمبلي جي تڪ 203 جي اميدوار پير سيد فضل علي شاھ جيلاني جي سربراهي ۾ تعلقا فيض گنج جي چيئرمين،وائيس چيئرمين،ضلع ڪائونسل ميمبرن ۽ معززين ايندڙ اليڪشن بابت اھم گڏجاڻي ٿي گذري
گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي پير سيد فضل علي شاھ جيلاني جو چوڻ هيو ته پيپلزپارٽي جا مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪا آهن پيپلزپارٽي جي خلاف ھر دؤر ۾ رڪاوٽون وجهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آھن
پر انھن کي ھميشه ناڪامي ئي نصيب ٿي آھي ان موقعي تي بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر جو چوڻ هيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو عوامي سمنڊ مخالفن کي لوڙهي ڇڏيندو ھن وقت به پيپلزپارٽي مخالف پارٽين کي تڪن جي لاءِ اميدوار ئي نه پيا ملن سندن شڪست يقيني بڻجي وئي آهي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ميمبر سنڌ اسميبلي پير سيد احمد رضا شاھ جيلاني جو چوڻ هيو ته خيرپور ضلعو پيپلزپارٽي جو ڳڙھ آھي سنڌ مان مفاد پرست سياسي پارٽين جا تڏا ويڙهي چڪا آهن
پيپلزپارٽي واحد سياسي عوامي پارٽي آھي جيڪا ھميشه ملڪ و قوم جي ترقي جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي گڏجاڻي ۾ فقير اوشاق علي ھيسباڻي،ڪريم داد جلالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جنوري 2, 2024