دادو: 2023 ۾ مختلف جهيڙن، روڊ حادثن ۽ خودڪشين وگھي 500 ماڻهو فوت ٿيا

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي اندر سال 2023 ۾ مختلف جهيڙن، روڊ حادثن ۽ خودڪشين ۾ 500 ماڻهون فوت ٿيا جهيڙن ۾ 80،روڊ حادثن ۾ 100،

خودڪشين ۾ 30 ، دادو ضلعي جي چئن تعلقن ۾ مها ٻوڏ ۽ برساتن دوران بيمارين ۾ 100 کان مٿي ماڻهون فوت ٿيا، پوري ضلعي ۾ حادثن دوران 500 کان مٿي ماڻهون زخمي ٿيا جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد سيوهڻ،نوابشاھ، ڪراچي ريفر ڪيو ويو، گذريل سال جي 365 ڏينهن ۾ دادو ضلعي جي شهري توڙي ڳوٺاڻن کي پنهنجي پيارن جا لاش ملڻ معمول رهيا،

دادو ضلعي اندر 2023 بدقسمت سال تصور ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو 2023 ۾ برساتون، ٻوڏ ۾ چئن تعلقن ۾ هڪ هزار کان مٿي  گهر ڊهي پٽ ٿيا جيڪي اڄ تائين تعمير ٿئي نه سگهيا آهن،

دادو ضلعي اندر ٻوڏ وڏي تباهي مچائي جنهن سبب هزارين چوپايو مال مري ۽ لڙهي ويو ۽ لکين ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪڻڪ، ساريون،سبزيون، وونئڻ،تر،جوئر ۽ ٻيو فصل ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي برباد ٿي ويو جنهن ڪري اتان جي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو، دادو ضلعي جي چئن تعلقن ۾ جهيڙن سبب 80 ماڻهون پنهنجي زندگين تان هٿ کنيو جن ۾ محمد عالم شاهاڻي،نويد سولنگي،حامد چانڊيو،نصرالله لغاري،حنيف بروهي،شريف بروهي،وقار ملاح،سجاد پنهور،قمرالدين چانڊيو،صابن پٽ ايوب چانڊيو،اصغر عرف خانو پنھور، نور حسين کوسو، واٽهڙو عورت مسمات اسلام خاتون کوسو، عاشق ڏهر،مظهر ڏهر، سميت 80 ڄڻا مختلف جهيڙن ۾ قتل ٿيا آهن،

جڏهن ته وياجين کان تنگ اچي ۽ گهرواڻبت ۽ ٻين سببن ڪري 30 ماڻهن خودڪشي ڪئي جن ۾ اظهر آمڙو،ديدار ٻٻر، ڪاشف علي چانڊيو،سجاد ڀرڳڙي،اسلم سولنگي، علي ميمڻ، قاسم عمراڻي سميت ٻيا شامل آهن،جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهن خودڪشي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون

 جن ۾ سيما لغاري، شهباز ابڙو،عامر پلھ،حبيب الرحمن ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن،جڏهن ته دادو ضلعي ۾ 9 ڄڻن سان جنسي زيادتيون ٿيون جن ۾ بدين واسي ٽڪ ٽاڪر سيد زبير شاھ، دل نواز لاشاري،اويس پٽ عرفان مغل،زبير ميراثي سميت ٻيا شامل آهن،جڏهن ته دادو ضلعي اندر مختلف روڊ حادثن ۽ گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 100 کان مٿي ماڻهون فوت ٿيا

جن ۾ ناري ملوڪه سومرو،الطاف قمبراڻي،ناري صدوري پنهور، نوجوان اويس پٽ ادريس ملاح، مسمات فرزانه زال چنيسر لنڊ،وسيم  پٽ افضل لغاري، رحمان ملاح،شعيب لٿو، شوڪت هنڱورو، خدابخش ٻٻر سميت ٻيا شامل آهن،

جڏهن ته روڊس حادثن ۾ 500 کان مٿي ماڻهون زخمي ٿيا جن ۾ غلام نبي جمالي،نويد چانڊيو،ڪامران عمران محبوب، ايوب پنهور،مسمات شبيران،اميران پنهور،امتياز ۽ زاهد پنهور،مختيار جمالي،مظفر چانڊيو،آصف مغل،حنيف قمبراڻي،مسمات بصران پنهور سميت ٻيا شامل آهن،

اهڙي طرح مها ٻوڏ دوران دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ صرف مليريا دوران 50 کان مٿي ماڻهون فوت ٿيل آهن جڏهن ته ڪي اين شاھ تعلقي ۾ ٻوڏ دوران ريسڪيو نه ٿيڻ ڪري 20 کان مٿي ماڻهون پنهنجي زندگين تان هٿ کنيو،دادو ضلعي جي چئن تعلقن مان هر روز ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري اتان جي رهواسين کي پنهنجن پيارن جا لاش ملندا رهيا.

جنوري 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو