حضرت بيبي فاطمة زهره عھ ٻارن جي پرورش، گهر جوڪم پاڻ ڪندي ھئي: ڊاڪٽر غلام علي
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڊاڪٽر غلام علي عاملي مولانا عرفان حيدر عابدي، زوار قاضي وحيد، زوار مامو زيب قاضي، زوار فدا حسين ابڙو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 20 جمادالثاني يومِ ولادت حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جي بروز جمعي تي مڪي ۾ ٿي . سندن والد محبوبِ ڪبريا حضرت محمدﷺ ۽ والده ماجده حضرت خديجة الڪبريٰ آهي.
حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جا لقب زھره، سيدة النساءَ العالمين، صديقه، بتول، محدثه، طاهره خاتونِ جنت ۽ ٻيا ڪافي سارا سيده جا اسم مبارڪ آهن. حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن ٻارن جي پرورش سميت گهر جو سمورو ڪم پاڻ ڪنديون هيون
جڏهن ته سندن والد محبوبِ ڪبريا حضرت محمدﷺ جن پنهنجي پياري نياڻي حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جي خدمت لاءِ سائڻ فضا کي سندن حوالي ڪيو هو.
ڪائنات جي خالق رب الذوالجلال جي حڪم سان ۽ سندس رضايت سان حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جو نڪاح مبارڪ اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جن سان پڙهيو ويو. حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جڏهن 18 ورهين جون هيون ته سندن والد محبوبِ ڪبريا حضرت محمدﷺ جن جو سايو سندن جي سر مٿان کڄي ويو
جنهن تي سانئڻ حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن کي تمام گهڻو صدمو رسيو، سانئڻ کي وري ٻيو صدمو گهرو جنهن وقت پنهنجي بابا طرفان مليل باغِ فدڪ غصب ڪيو ويو ته پهتو. حضرت محمدﷺ جن جي ٿوري عرصي بعد رحلت ٿي،
حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن مٿان ايتريون ته مصيبتون آيون جو تاريخ ٻڌائي ٿي ته حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها پنهنجي والد حضرت محمدﷺ جن جي رحلت بعد فقط چورانوي( 70)يا (94) ڏينهن حيات هيون.
سانئڻ جن جي مٿان ايترو ته ظلم ڪيو ويو جو پاڻ پنهنجي گھر واري حضرت علي عليه السلام جن کي وصيت ڪيائون ته مونکي رات جو غسل ڏئي ڪفن پهرائي نماز پڙهي دفن ڪجو، منهنجي قبر ڪنهن کي نه ٻڌائجو جن منهنجو حق کاڌو مونکي ستايو ۽ مون تي ظلم ڪيو آهي، منهنجي جنازي تي نه اچن ۽ منهنجي قبر تي به نه اچن.
حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جي وصيت موجب اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام ايئن ئي ڪيو. حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن مزار مبارڪ جنت البقيع ۾، يا سندن گهر ۾ يا نبي محراب نبي وچ ۾ ڪنهن جاءِ تي آهي.
حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جي شهادت 26 آگسٽ 3 جمادلاثاني 11 هجري آهي. حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جو شان ۽ عظمت بابت ماڻهن حضرت محمدﷺ کان پڇيو ته اوهان عورتن مان ڪنهن سان وڌيڪ پيار ڪندا آهيو
پاڻ فرمايو ته حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها سان پوءِ وري سوال ڪرڻ پڇيو ته ڀلا مردن ۾ پاڻ ڪنهن سان وڌيڪ محبت ڪندا آهيو وري پاڻ فرمايو ته حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن جي گھر واري حضرت علي عليه السلام سان.
حضرت محمدﷺ جن جڏهن ڪنهن سفر تي ويندا هئا ته سڀ کان پھريان حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن سان ملندا هئا، ۽ جڏهن واپس ايندا هئا ته سڀ کان اڳ ۾ حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن سان ملندا هئا.
جڏهن به حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن پنهنجي والد حضرت محمدﷺ جن سان ملڻ اينديون هيون ته تعظيمن اٿي بيهندا هئا ۽ پنهنجي پياري نياڻي جنتِ خاتون حضرت بيبي فاطمة زهره سلام الله عليها جن کي پاڻ سان گڏ ويهاريندا هئا. محبوبِ ڪبريا حضرت محمدﷺ جن فرمايو ته فاطمهؑ زهره سلام الله عليها جنت جي سڀني عورتن جي سردار آهي،
حسن عليه السلام و حسين عليه السلام جنت جي سڀني جوانن جا سردار آهن، حسينؑ مون مان آهي ۽ آئون حسينؑ مان آهيان، خدا ان کي دوست رکي ٿو جيڪو حسينؑ کي دوست رکي ٿو.
جڏهن آئون معراج تي ويس ته مون جنت تي سونن اکرن ۾ لکيل ڏٺو ته خدا کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي محمد ﷺ الله جو محبوب عليؑ الله جو ولي فاطمهؑ بيبي ٻانهي خاص آهي. حسن عليه السلام حسين عليه السلام الله جا خاص چونڊيل آهن، انهن سان دشمني رکڻ واري تي خدا جي لعنت ۽ عذاب آهي.
جنوري 2, 2024