اليڪشن ۾ سنجيدگي سان حصو وٺڻ جو خواھشمند آھيان: سردار محمد اشرف سولنگيَ
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سيتاروڊ پيپلز پارٽيَ جي سينئير اڳواڻ ضلعي ڪائونسل دادوَ جي اڳوڻي چيئرمين سردار محمد اشرف سولنگيَ پنھنجي رھائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ گذريل ڏينھن ڪراچيَ زرداري ھائوس ۾ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي چيئرپرسن فريال ٽالپر سان اھم ملاقات ٿي آھي
جنھن ملاقات ۾ دادو ضلعيِ خاص طورتي ميھڙ سب ڊويزن جي سياسي صورتحال تي اھم ۽ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي آھي ۽ مان اُن ملاقات ۾ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي چيئرپرسن اَديِ فريال ثالپر اڳيان پنھنجو چٽو موقف رکيو آھي
تہ مان ھِنَ اليڪشن ۾ ميھڙ ـ ڪي اين ـ شاھ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبليَ جي تڪ تي پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا آھن مان ھِنَ اليڪشن ۾ سنجيدگي سان حصو وٺڻ جو خواھشمند آھيان، ميرٽ جي بنياد تي مان پارٽي ٽڪيٽ جو حقيقي حقدار آھيان مان پارٽي کي رت ست ڏنو آھي
۽ ڏکئي وقت ۾ پارٽي لاءِ جيل جون سختيون بہ سٺيون آھن ان ڪري منھنجي قربانين جو قدر ڪري پارٽي ٽڪيٽ مونکي ڏني وڃي، جيڪڏھن ھنِ ڀيري مونکي پارٽي ٽڪيٽ نہ ملي تہ ميھڙ سب ڊويزن سميت دادو ضلعي جي چونڊن جا نتيجا اڳ کان گھڻا مختلف ھوندا
ھن وڌيڪ چيو تہ مان ھراليڪشن ۾ پارٽيَ پاران نامزد ڪيل ضلعي جي مڙني اميدوارن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سندن ڀرپور سپوٽ ڪرڻ سان گڏ انھن جي اليڪشن مھم ھلائي کين عوام جي طاقت سان سوڀارو ڪرائي اعليٰ ايوانن تائين پھچايو آھي
پر افسوس اسانجي تڪ جا نمائندا عوام جي ووٽن تي چونڊجي اچڻ بعد عوام جي اميدن تي پورا ناھن لٿا ، انھن ھر ڀيري اسانجي برادريَ ۽ اسان سان تعلق رکندڙ اسان جي دوستن ۽ ھمدردن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو آھي
جنھن ڪري ھاڻي ھِنَ اليڪشن جا نيتجا انھن جي سامھون ايندا تہ کين پنھنجي اھميٿ جو اندازو سمجھ ۾ اچي ويندن ھڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ مان شھيد راڻيَ جي پارٽيَ جو ورڪر آھيان ۽ رھندس.
جنوري 2, 2024