سکرانتظاميا جي لاپرواهي،  شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيا

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) سکرانتظاميا جي لاپرواهي  شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيا، شهر ۾ ٺهيل روڊن جي تعمير ۾  ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف، شھر جي اڪثر روڊن جي کوٽائي ۔ شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳ ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل

تفصيل موجب سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ انتظاميه ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي ٺاهيل روڊن جي ترقياتي ڪمن لاءِ کوٽائي ۽ مرمت ڪري سرڪاري خزاني کي لٽيو پيو وڃي،

اهو عمل تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن بعد شهر جي اهم ۽ مصروف ترين روڊن تي وڏي پئماني تي ٺاهيل روڊن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو،

جنهن ۾ مختلف شهر جي رهواسي ۽ ڪمرشل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي تي روڊن جي کوٽ ۽ ملبہ روڊن تي اڇلايا پيا وڃن، ڪم جي نالي تي رات ڏينهن ناقص مٽيريل استعمال ڪري روڊ ٺاهيا پيا وڃن. ترقياتي ڪمن ۾ سستي، مسافر گاڏين سميت شهرين کي آمد و رفت جي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،

پر انتظاميه جي درپيش مسئلن کي ڪير به ڏسڻ لاءِ تيار ناهي، شهري ۽ سماجي حلقن مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن سميت صوبائي حڪومتن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سکر انتظاميه جيڪي ترقياتي ڪمن تي سياست ڪري رهي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان، نگران وڏي وزير سنڌ، نگران صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ترقياتي ڪمن جو نوٽيس ورتو وڃي.

جنوري 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو