سيوھڻ : حضرت قلندر لعل شھباز رحھ جي مزار جي توشا خانھ مان سون چوري، مئنيجر بيان رڪارڊ ڪرايو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار جي توشا خانہ مان چوري ڪيل سون جي ته انڪوائري ٿي رھي آھي،

اھا انڪوائري ٽيم جانچ ڪري رھي آھي، ته درگاھ جي توشاخانہ مان کنيل سون ڪنھن کنيو آھي، برحال ان ڪيل سون جي چوري اڳوڻي مئنيجر زبير احمد بلوچ انڪوائري ٽيم جي سامھون بيان ڏنو آھي،

 ته اھو چوري ڪيل سون ۾ مان جوابدار آھيان ، جنھن تي انڪوائري ٽيم پنھنجي لکت ۾ رپورٽ اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ۽ صوبائي سيڪريٽري اوقاف ڏانھن موڪلي ڇڏي، ان انڪوائري ٽيم جي رپورٽ تي پڻ زبير احمد بلوچ جيڪو درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جو مينيجر ھئو، ان تي ۽ ھڪ ٻن ٻين تي ايف آء آر ڪٽرائي وئي،

۽ ايف آء آر ۾ جيڪي نالا ڏنل آھن، انھن مان ھڪ جوابدار زبير احمد بلوچ کي گرفتار ڪري ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو، باقي ٻيا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن ، جڏھن تہ ھن وڏي ڪيس ۾  پوليس ٻيا جوابدار گرفتار ڇو نه ڪري سگھي آھي ،

جڏھن ته جيڪي ٻيا جوابدار گرفتار ٿيندا ته انھن وٽان وڏا راز فاش ٿي سگھن ٿا ، جنھن مان اوقاف کاتي سيوھڻ جا جيڪي سينئر خادم آھن ، يا وري اڳوڻي مئنيجر جا خاص ماڻھون آھن،  انھن جا به نالا ظاھر ٿي سگھن ٿا،

جڏھن ته اڪثر اھيو ڏٺو ويو آھي ، ته شايد ان توشاخانہ جي چوري ۾ زبير احمد بلوچ شامل تہ آھي، پر ان ۾ ٻيا ڪيترا اوقاف جا وڏا آفيسر، اوقاف کاتي سيوھڻ جا خادم ۽ اوقاف کاتي جي طرفان مقرر ڪيل پرائيويٽ ماڻھون ۽ زبير احمد بلوچ جا جيڪي درگاھ تي خاص ماڻھون آھن، اھي  بہ شامل ٿي سگھن ٿا، خدارا ان توشاخانہ جي انڪوائري صرف انھن ماڻھن کان نه ڪيو جيڪي ايف آء آر ۾ آھن ،

 ڪجھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي مقرر ڪيل خادمن کان به جانچ ڪريو ، جيڪي درگاھ تي پرائيويٽ ماڻھون رکيل آھن ، انھن کي به ان جانچ ۾ شامل ڪريو ، ۽ مئنيجر زبير احمد بلوچ جا جيڪي منظوري نظر ۽ خاص خادم آھن يا اوقاف کاتي جا ملازم آھن، انھن کي به ان جانچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ۽ درگاھ تي مقرر ٿيل پرائيويٽ ماڻھون جن کي درگاھ تي مقرر ڪري مال ڪمايو پي ويو ،

 انھن پرائيويٽ مقرر ڪيل ماڻھن کي به ان جانچ ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏھن ته حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي درگاھ جي جيڪا ٻي آمدني آھي، جيڪي ٺيڪا آھن، انھن ۾ تڏن جو ٺيڪو ، لنگر خاني جو ٺيڪو، پڙن/چادرن جو ٺيڪو جتين جو ٺيڪو وغيره انھن ٺيڪن جي به جانچ ڪئي وڃي ته انھن ٺيڪن جي رقم ڪيڏانھن ۽ ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي.

جنوري 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو