خواجا سرائن سماجي اڻبرابري تي احتجاج ڪندي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪوبھ اميدوار نامزد ناھي ڪيو:بنديا رانا/ شھزادي راءِ
ڪراچي (قاضي اعجاز) معاشري اندر صنفي فرق ۽رياست پاران نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ صوبي ۾خواجا سرائن جي ڪميونٽي پاران چونڊن ۾ ڪوبھ اميدوار نامزد ناھي ڪيو ويو، مرد ۽ عورت کان وڌيڪ بھترحڪومت ٽرانس جينڊر ئي ڪري سگھن ٿا، سمورين سياسي پارٽين ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي مخصوص سيٽ بھ ناھي ڏني،
جنھن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، ٽرانس پروٽيڪشن ايڪٽ 2018 جي خلاف شريعت ڪورٽ جي فيصلي بعد خواجا سرائن جي شناختي ڪارڊ ٺھڻ واري عمل کي ختم ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري خواجا سرا ملڪي سڃاڻپ کان محروم بڻيل آھن
اھڙيون ڳالھيون “ جينڊر انٽريڪٽو لائز” جي سھار سان خواجا سرائن جي اڳواڻن بنديا رانا، شھزادي راءِ، ڊاڪٽر محراب اعواڻ، آر اڌيا خان، زھريش خانزادي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون.
اڳواڻن چيو تھ رياست پاران ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي پاڪستان جو شھري تصور ئي نھ ٿو ڪيو وڃي، اھو ئي سبب آھي جو يو اين کي جاري ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ اندر 50 ھزار جڏھن تھ نادرا وٽ رڳو 3 ھزار خواجا سرائن کي رجسٽر ڪيو ويو آھي، ان ۾ بھ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي پيچيدگيون پيدا ڪيون ويون آھن،
جنھن ڪري خواجا سرا چونڊن ۾ حصو نھ ٿا وٺي سگھن، پر پولنگ اسٽيشن تي عورت توڙي مرد جي پولنگ بوٿ تي ووٽ بھ نھ ٿا ڏين، ڇاڪاڻ تھ مرد توڙي عورت خواجا سرائن جي تذليل ڪن ٿا. اڳواڻن چيو تھ خواجا سرائن جو انگ سنڌ صوبي اندر تمام گھڻو آھي،
پر مردم شماري ۽ ووٽنگ رجسٽريشن واري معاملي ۾رڳو ٽي ھزار خواجا سرائن کي رجسٽر ڪيو ويو آھي، اھڙن انگن، اکرن کي خواجا سرا ڪميونٽي رد ڪري ٿي. ھنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو تھ سندن جا جائز مسئلا حل ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪري، مايوسي ختم ڪئي وڃي، نھ تھ تمام وڏي احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.
جنوري 2, 2024