ڏوڪري: محمد سليم واڍو پاران سينئير صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي ياد ۾ مچ ڪچهري منعقد
ڏوڪري (رورٽر) چئمبر آف ڪامرس ڏوڪري جي اڳواڻ محمد سليم واڍو پاران پراڻي سال کي الوداع، نئين سال جي آمد سينئير صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي ياد ۾ مچ ڪچهري منعقد ڪئي. مچ ڪچهري ۾ سياسي سماجي ادبي چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻن، صحافين شهرين اياز علي جوڻيجو، پ پ تعلقي اڳواڻ نياز حسين سوهو،
ضمير احمد ڀٽي، محراب خاصخيلي، حبيب ﷲ کوکر، چئمبر آف ڪامرس ڏوڪري جي اڳواڻ مظهر گلال، جاويد ڪولاچي، آغا جلباڻي، نثار احمد ٻٽ، بخشل ڪولاچي، محمد رمضان عباسي، حافظ رجب سولنگي، محمد بچل سولنگي، ممتاز علي سومرو، منظور ڪٽپر، ذيشان علي ميمڻ، تنویر حسین ميراڻي، منير احمد ميمڻ، الطاف حسين جويو.
مشتاق احمد جوڻيجو. جنيد احمد ابڙو، واحد بخش موريو، قطب الدين ڪيريو، صحافي قاضي آفتاب، ياسر منگي، عبدالجبار ميمڻ، قاضي فريد عبدالوحيد جوڻيجو، اطهر ميمڻ، مجيب ميراڻي، سهيل احمد هليو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته مقامي فنڪار اصغر علي مڱڻهار، محمد جمن ڀنڊ، مبارڪ چانڊيو ۽ ٻين صوفياڻا گيت چئي مچ ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.
ان موقعي تي مچ ڪچهري ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته سئنير صحافي مرحوم ايم رمضان جوڻيجو بيباڪ بهادر صحافي هو، محمد رمضان جوڻيجو ٻه سال پهرين ڏوڪري ۾ مچ ڪچهري جو بيناد رکيو هو.
هنن چيو ته مچ ڪچهري سنڌ جي قديم ثقافت مان هڪ آهي ماضي ۾ اوطاقن تي مچ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ مچ ڪچهري مان نوجوان کي سکيا ملندي هئي.
ڊسمبر 31, 2023