آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز آواران جي علائقي مشڪئي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي ۽ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻي تان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جو ذخيرو برآمد ٿيو، جڏهن ته ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو.

ڊسمبر 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو