آباد لڳ ھنڱورجا ۾ ڪمند جون ڀريل ٽراليون ۽ وڏن ٽرالن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو
رسول آباد (رپورٽ: حب علي جهانگر ) رسول آباد لڳ ھنڱورجا شهر ۾ ڪمند جون ڀريل ٽراليون ء وڏن ٽرالن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿي پئي وڃي پنڌ ويندڙ ماڻهو توڙي بزرگ توڙي مريض توڙي ايمبولينس وغيره کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو
شاه جمال پيٽرول کان سچل پيٽرول پمپ وٽان نڪرندڙ روڊ جيڪو ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل آهي پر ڪجه با اثرن ماڻهن جي ڪري روڊ جو ڪجه مفاصلو رولهڙي جو شڪار بڻيل آهي
اسين هنڱورجا شهر جي معزز شخصيت اڳوڻو ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاه صاحب سيد محرم علي شاه صاحب ء روڊ اٿارٽي کاتي وارن کي ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪنداسين ت رولهڙي جو شڪار بڻيل روڊ جلد کان جلد بحال ڪرائن ت جيئن هنڱورجا مان ايندڙ ويندڙ ماڻهو جون مشڪلاتون دور ٿي پون ء مشڪلاتن کي منهن ن ڏيڻو پوي.
ڊسمبر 31, 2023