ڪراچي: سنڌ پوليس پاران آپريشن دوران ٻارڙي فوت ، وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) ڪراچي ناردرن باءِ پاس سيد ٽينٽ سٽي ۾ گذريل ڏينهن مارجي ويل ٻارڙي جو لاش رکي ناردرن باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،

سڏيو ڏينهن روڊ بند هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي،ناردرن باءِ پاس تي اينٽي انڪروچمينٽ، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو هو، آپريشن دوران فائرنگ ۾ 10 سالن جو ٻارڙو يونس چانڊيو مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو هو،

ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻ/سيد ٽينٽ سٽي جي باني سيد احمد علي شاهه ڪاظمي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلھ ناردرن باءِ پاس سيد ٽينٽ سٽي تي آپريشن سبب رهواسين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي،

 جنهن بعد پوليس پاران گوليون ۽ شيلنگ هلائي وئي هئي جنهن بعد هڪ ٻارڙو يونس چانڊيو جنهن کي گولي لڳي هئي جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو هو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا،

 فوت ٿي ويل ٻارڙن جي وارثن سان گڏ اسان روڊ بلاڪ ڪيو آهي، سيد احمد علي شاهه ڪاظمي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري زمين آ سنڌي ماروئڙن آباد آهن 15 سو کان مٿي گهر آهن

 ايم ڪيو ايم ۽ ايم ڊي اي جا ماڻهو دهشتگردي ڪري اسان جي سنڌي ماروئڙن جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، ٻه سو کان مٿي گهرن کي ڊاهيو ويو آهي الائي ڪيترن گهرن کي باهيون ڏنيون ويون هيون، اسان جي مٿان سڌيون گوليون هلايون ويون آهن، روز روز انهن جون شرارتون آهن

 اسان جي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو اٿن الائي ڪيتريون عورتون شيلنگ جي ڪري سخت زخمي ٿي پيون آهن اسان سنڌين سان ظلم ڇو اسان ڌرتيءَ جا وارث آهيون اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ايم ڊي لسانيات ڦيلائڻ چاهي ٿو ۽ جهڙو ڪرڻ چاهي ٿو اسان واضح طور تي ٻڌايون ته اسان ڌرتيءَ جا وارث ويٺا آهيون

اسان پنهنجي ماروئڙن جي لاءِ رت جي آخري قطري تائين به وڙهينداسين اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي سنڌ نيشنل پارٽي جي وائس چيئرمين رمضان بليدي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ نيشنل پارٽي طرفان سيد ٽينٽ سٽي ۾ سيلاب متاثرن جي مٿان جيڪا چڙاهي ٿي آ هڪ ٻارڙو ۽ الائي ڪيترا زخمي ٿي پيا آهن

 ٻيو به گهڻو نقصان ٿيو آهي ان جي سخت لفظن م مذمت ڪريان ٿو سنڌي ماروئڙن کي هميشه ديوار سان لڳائڻ جي سازش ٿي آ ۽ ڪوشش ڪئي وئي آ ته سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان بي دخل ڪيو آهي اسان اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين سيلاب متاثرين جون ڳالهيون ٻڌي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

ڊسمبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو