کپرو:غوثيه جماعت کي فوج سان وڙهائڻ جي سازش جاري آهي :غلام قادر درس

Spread the love

کپروتعلقه (رپوٽ: محمد قبول درس) خبر موجب کپرو ۾ غوثيه جماعت جي سيڪڙو ڪارڪنن جو مخدوم شاهه محمود قريشي سان پنجاب پوليس پاران ڪيل بداخلاقي خلاف خليفه حيات درس، حاجي اسلم جٽ، غلام قادر درس، امام بخش گجو، علي نواز هنڱورجو، نواز درس اميرحسن درس حاجي صاحبڏو درس جي اڳواڻي ۾ بائڪو پمپ کان شهيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

جيڪا ريلي شهيد چوڪ تي هڪ وڏي احتجاج ۾ تبديل ٿي وئي. احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا. جنهن تي شاهه محمود قريشي جي آزادي جا نعرا درج ٿيل هئا

ن موقعي تي غوثيه جماعت جي چيف خليفه حيات درس، حاجي اسلم جٽ چيو ته پنجاب پوليس پاران اسان جي مرشد شاهه محمود قريشي سان بداخلاقي هڪ سان نه پر سموري غوثيه جماعت جي مريدن سان بداخلاقي آهي. ٻه دفعه پاڪستان جي پرڏيهي وزير رهندڙ،

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي سان پنجاب پوليس جي هڪ ايس ايڇ او پاران بداخلاقي بدتميزي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

 پنجاب پوليس هاءِ ڪورٽ کان مٿانهين ته ناهي. سڀني کي خبر پويان ڪير سازش پيو ڪري. اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا پير مخدوم شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. احتجاج ۾ حرجماعت، سروري جماعت پاران يڪجهتي طور شرڪت ڪئي.

ڊسمبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو