ڏوڪري: پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي جو نامزدگي فارم بحال
ڏوڪري (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي جو نامزدگي فارم بحال ٿي ويو. پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي جو پي ايس 80 تي نامزدگي فارم بحال ٿي ويو آهي.
ان موقعي تي پي ايس 80 جي اميدوار ۽ پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس 80 تي نامزدگي فارم بحال ٿي ويو آهي
انشاءِ ﷲ پارٽي قيادت مون کي پي ايس 80 تي چونڊ ٽڪيٽ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏئي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ۽ تير جي نشان تي چونڊ وڙهڻ جو موقعو فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت جو حڪم ڪندي مون کي قبول آهي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.
ڊسمبر 30, 2023