نوشهروفيروزجي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي چونڊن لاءِ اميدوارن جي فارمن جي جاچ وارو عمل ھلندڙ
نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي اليڪشن 2024 لاءِ اميدوارن جي فارمن جي پڌرائي جو عمل آخري مرحلي ۾ ٻن قومي تڪن اين اي 205 ۽ اين اي 206 تي جڏهن ته پي ايس 32، 33، 34، 35 تي پ پ جون اهم شخصيتون شامل آهن.
انهن ۾ ضياءَ الحسن لنجار ذوالفقار بهڻ ۔ غلام مرتضي جتوئي ۔ مسرور خان جتوئي ۔ بلاول خان جتوئي ۔ شاهنواز خان جتوئي ممتاز چانڊيو مولا بخش مبيجو سيد ابرار علي شاهه سيد زوهيب علي شاهه سردار عثمان خان عالماڻي فيروز خان جمالي سيد مراد علي شاهه سيد حسن علي شاهه مسلم ليگ ن جو سيد اصغر علي شاهه پي ٽي آءِ جو.
قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالرحمان ڏنگراج اڪرم پيرزاده، جماعت اسلامي جي ايڊووڪيٽ غلام شبير خانزاده جا نامزدگي فارم هن وقت تائين بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اميدوارن جي حتمي لسٽ 6 بجي جاري ڪئي ويندي.
ڊسمبر 30, 2023