نواب شاھ : ڪماليہ ڪالوني واسي جو پنھنجي ڀيڻ سان گڏجي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي
نواب شاھ ( فدا حسين رند) نواب شاھ جي علائقي ڪماليہ ڪالوني جو رهواسي پورھيت محمد وزير راجپوت پنھنجي ڀيڻ مسمات سڪينه سان گڏجي نوابشاه ايئرپورٽ پوليس جي زيادتين خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو
انھي موقعي تي محمد وزير راجپوت ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته گذريل رات مان سڪرنڊ روڊ تان پنھنجي دوست سان ملڻ لاءِ پنڌ وڃي رھيو ھئس تہ رستي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻہ پوليس وارن منھنجو رستو روڪي مونکي ايئرپورٽ ٿاڻي تي وٺي لاڪپ ۾ بند ڪيو مان رڙيون ڪري پوليس وارن کان پڇا ڪئي تہ مونکي ڪھڙي ڏوھ ۾ کڻي آيا آھيو جنھن تان پوليس وارن مون مٿان سخت تشدد ڪيو
۽ چيو ته تون شھر ۾ چوريون ڪندو آهين ۽ ھڪ نامعلوم 18 ورھين جي نوجوان کان مون خلاف بيان ڏياريو ته تو اسان جي گھر مان چوري ڪئي آھي ھن چيو ته پوليس وارن مونکي چيوته تنھنجا اسان وٽ چوري ڪرڻ دوران ورتل تصويرون آھن
جڏھن انھن تصويرون ڏيکاريون تہ اھي منھنجون نه ھيون ھن چيو ته منھنجي کيسي ۾ پيل منھنجا پيسا بہ پوليس وارن کسي ڇڏيا ھن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو تہ مونتي بلاجواز تشدد ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.
ڊسمبر 30, 2023