ملير: پورٽ قاسم ۾ آغا اسٽيل مل اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، 2 پورھيت فوت، 3 زخمي
ملير (ڊ ر) پورٽ قاسم ۾ قائم آغا اسٽيل مل اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، 2 مزدور اجل جو شڪار ۽ ٽي زخمي ٿي پيا، تفصيل موجب گذريل ڏينهن پورٽ قاسم انڊسٽيريل ايريا ۾ قائم آغا اسٽيل مل ۾ مبينا طور تي بوائلر ڦاٽڻ سبب اچانڪ باهه لڳي وئي،
واقعي جا اطلاع ملندي ئي بن قاسم پوليس ۽ فائر برگيڊ عملي جون ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، مسلسل چئن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو،
جڏهن ته فيڪٽري کي سخت نقصان پهتو ۽ ٻه مزدور عابد ۽ جميل باهه ۾ سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا، جن جا لاش ريسڪيو ٽيم ڪڍي ورتا، ان موقعي تي 3 مزدور سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان موقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه وسائڻ ۽ سيفٽي جو گهربل سامان موجود نه هو.
11
سانگهڙ لڳ پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار، ڳوٺ لوهاڙو ۾ مبينه طور منشيات ويڪرو ڪندڙ ڊيلر محمد افضل قريشي کي پوليس 2200 گٽڪا پڙيون ۾ گرفتار ڪري ورتو،
ايس ايس پي سانگهڙ ڪيپٽن صدام حسين جي هدايتن تي سي آءِ اي انچارج علي اڪبر چنا منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي پيرومل ٿاڻي جي حد لوهارڙو ۾ ڳجهي اطلاع تي ماتحت عملي سان گڏجي لوهاڙو سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ منشيات ويڪرو ڪرڻ وار ڊيلر محمد افضل قريشي کي گرفتار ڪري ورتو،
سندس قبضي مان مبينه طور 2200 پڙيون مضر صحت گٽڪو هٿ ڪري ورتيون. گرفتار جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪري ڇڏي.
ڊسمبر 30, 2023