سکر: سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاج
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر طرفان سکر پريس ڪلب آڏو ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ـ ان موقعي تي مظاھرين ڪارونجھر جبل سميت سنڌ جي سمورن ثقافتي ۽ قديمي ماڳن جي تحفظ لاء زوردار نعري بازي ڪئي وئي ـ
ضلعي رابطا سيڪريٽري سردار پيرزادي شاخ سکر جي سيڪريٽري ۽ سينئير صحافي مجيد نواز مغل سچل ڀٽي سرواڻ جتوئي شفاعت گھانگھري دلبر ڀٽو زين جتوئي اياز ڪلوڙ ذوالفقار جتوئي پريمي وقار امير تنئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف سنڌ جي ساڃاھ روڊن تي اچي چڪي آھي ـ سنڌ جي قديمي ماڳن جي حفاظت لاء موثر قانون سازي ڪئي وڃي . ڪارونجھر جبل سنڌ جي قديمي ماڳن مان آھي ـ
ان جي ڪٽائي وارو عمل سنڌ جي سونھن کي ختم ڪرڻ برابر آھي ـ رياست جي مڪمل اھا ذميواري آھي ته ھو قومن جي قديمي ماڳن جي حفاظت ڪري ۽ ان لاء جوڳا اپاء وٺي پر اسان وٽ ائين نٿو ڪيو وڃي
ابتو جيڪي ماڳن موجود آھن ـ انھن کي نقصان پھچايو وڃي ٿو ـ ادبي سنگت اھڙي عمل خلاف سراپا احتجاج آھي ۽ مستقبل ۾ پڻ اھڙي جدوجھد جاري رکندي ـ
ڊسمبر 30, 2023