راڻي پور: ادارا خودمختيار ۽ آزاد ھجڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو: سرائي نثار احمد خاصخيلي

Spread the love

راڻي پور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو  ) پيپلزپارٽي ھميشه ملڪي ادارن جو احترام ڪيو آھي آئين قانون جي بالادستي جي لاءِ ذميواري سان پاڻ پتوڙيو آهي ادارا خودمختيار ۽ آزاد ھجڻ سان ئي ملڪ و ترقي ڪري سگھي ٿو.

سرائي نثار احمد خاصخيلي راڻيپور ۾ ميڊيا سان ڳالھندي فقيرآباد ٽائون چيئرمين سرائي نثار حسين خاصخيلي خلاف بنا ثبوتن جي  داخل ڪيل پٽيشن هائي ڪورٽ سکر  خارج ڪري ڇڏي جنهن تي ڪورٽ سڳوري پنهنجا ريمارڪس ٻڌايا ته سنڌ ۾ چيئرمينن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي جڏھن ته فقيرآباد ٽائون چيئرمين مٿان داخل ڪيل پٽيشن ڪوڙ تي مبني آھي

 چيئرمين جي ساک خراب ڪرڻ لاء چند فردن کي استعمال ڪيو پيو پٽيشنر وٽ سواء بليڪ ميلنگ جي ٻيو ڪوبه مضبوط ثبوت ناهي ٻئي پاسي ٽائون چيئرمين سرائي نثار حسين خاصخيلي چيو ته اسان به پهريان به عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ آھيون

پيپلزپارٽي ھميشه عوامي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پيپلزپارٽي جي خلاف واويلا ڪئي وئي آهي مگر عوام مخالفن جي ھر سازش جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي مخالفن جي ھر حربي کي ناڪام بڻايو ويو آهي انشاء الله فقيرآباد واسين جي اعتماد تي پورو لهندس.

ڊسمبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو