دادو: سنڌي ادبي بورڊ پاران هٽايل ڍڳي واري لوگي جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي بورڊ پاران هٽايل ڍڳي واري لوگي جي بحالي لاءِ ادبي سنگت شاخ دادو پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران مرڪز جي سڏ تي سنڌي ادبي بورڊ پاران هٽايل تاريخي لوگي جي بحالي لاءِ سنگت آفيس دادو کان دادو پريس ڪلب تائين ماروجمالي اڳوڻي مرڪزي خزانچي جي اڳواڻي ۾ عمران سومرو ، تابش بخاري ،ضمير ڪوريجو ،
وريام سنڌي، رجب آزاد، محمد قاسم پنهور، نورنبي کوسو، محمد عرس سومرو، وقار سولنگي، شعبان اختر، سجاد پنهور، ساحل ساگر،ريحان ساگر، حسنين پنهور، سليم سهتو ،دين محمد،
اشرف سولنگي، شاه محمد لغاري سميت شهر جي مختلف فڪر رکندڙ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،اڳواڻن حڪومت سنڌ ۽ سنڌي ادبي بورڊ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ تاريخ سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي
۽ ڪتابن تان سٺ سالن کان مٿي عرصو ڇپجندڙ تاريخي ڍڳي وارو هٽايل لوگو جلد بحال ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.
ڊسمبر 30, 2023