جوهي کي اڳين چونڊيل نمائندن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي: عبدالمجيد سولنگي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جوهي تعلقي جي صوبائي سيٽ 83 تي آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم بحال ٿيڻ تي ريلوي محنت ڪش ملازم يونين پاڪستان جو چيئرمين عبدالمجيد سولنگي ريلي جي صورت ۾ جوهي کان دادو پريس ڪلب پهتو،جتي سندس ڳوٺ شير محمد سولنگي، موندر جي سولنگي برادري جي معززین دهل شرنائيون گلن سان سندس شاندار استقبال ڪيو،

ايم پي اي جو آزاد اميدوار عبدالمجيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي تعلقي کي اڳين چونڊيل نمائندن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي،

اسان سميت جوهي جي عوام هميشه پ پ پ کي ووٽ ڏنا پر پ پ پ جي چونڊيل اميدوارن جوهي تعلقي جي عوام کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اڳوڻو ايم پي اي سيد صالح شاهه چونڊجي اچڻ بعد گم ٿي ويو جوهي جي عوام ٻوڏ دوران دربدر ٿي وئي ڪنهن به سندن مالڪي نه ڪئي، هن چيو ته اسان عوام جو ڏک کي محسوس ڪندي اهو نعرو هنيو آهي ته اچو پنهنجي قيادت پاڻ ڪري مظلوم عوام جي خدمت ڪيون،

هن ڀيري جوھي جو عوام وڏيرن، پيرن کي ووٽ ڏيڻ بدران پورهيت، هاري جي حامي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ته جيئن جوھي، ڪاڇي ۾ خوشحالي اچي، هن چيو ته جوهي تعلقو تيل گئس جي معدنيات سان مال مال هجڻ باوجود دادو ضلعي ۾ گئس ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،

 تيل گئس ڪمپنين پاران علائقي جي عوام لاءِ ملندڙ رائيلٽي ڪامورا ۽ اڳوڻا چونڊيل نمائنده ملي ڀڳت ڪري هڻپ ڪري ويا، جوهي تعلقو کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جوهي تعلقي جا نوجوان بيروزگار بڻيل آهن،

هن چيو ته عوام اگر ووٽ ڏنو ته سندن جا بنيادي مسئلا پهرين مرحلي ۾ حل ڪرائبا،صحت، تعليم، روڊ رستا، گئس بجلي فراهم ڪئي ويندي،ان موقعي تي ممتاز سولنگي، جاويد سولنگي، اظهر ۽ ٻيا سوين برادري جا معزز گڏ هئا.

ڊسمبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو