جذبا متاثر ٿيا آهن: رنبير ڪپور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور خلاف مذهبي جذبن کي ڇيهو رسائڻ جي الزام ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

سنجي تيواري نالي شخص درخواست پاران ٿاڻي ۾ درخواست ڏني وئي.

درخواست ۾ هن هڪ وائرل وڊيو تي ڌيان ڇڪايو آهي جنهن ۾ رنبير ڪپور کي سندس گهرڀاتين سان وقت گذاريندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ کي ڪنال ڪپور جي گهر تي ڪرسمس لنچ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ اداڪار کي ڪيڪ تي باهه ڏيندي مذهبي جملا چوندي ڏسي سگهجي ٿو.

تنجي تيواري چيو آهي ته هندو مذهب کي مڃيندڙن جي جذبن کي ڇيهو رسيو آهي.

اهڙي درخواست تي هن وقت تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

ٻئي پاسي رنبير جي فلم اينيمل جي ڪاميابي سان نمائش جاري آهي.

ڊسمبر 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو