بينظير سپورٽ پروگرام ۾ واڌارو آڻينداسون، غريبن کي سولر سسٽم ذريعي مفت بجلي فراهم ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو جيڪو آئين ۾ واعدو ٿيل آهي اهو پورو ڪنداسين، سنڌ ۾ جتي اسان ناهيون پهتا اتي مفت صحت ادارا ڏينداسين،
اسان اقتدار ۾ اچي ڪري 30 لک گهر ڏينداسي، بينظير سپورٽ پروگرام ۾ واڌارو آڻينداسون، غريبن کي سولر سسٽم ذريعي مفت بجلي فراهم ڪنداسين، تمام هارين کي رجسٽرڊ ڪري انهن کي سنئون سڌو سبسڊي ذريعي فائدو پهچائينداسين، بلال ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي ڳالهيون اسان چيون آهن اهي پوريون ڪري ڏيکارينداسين،
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن، هن چيو ته سالياڻي 1500 ارب ڊالر مختلف مدن ۾ سبسڊي ڏني ويندي آهي، موسمي تبديلي جي حوالي سان ٻاهران پئسا آئون گڏ ڪندس، ننڍا ڊيم ٺاهيا ويندا، افسوس آهي جو شهيد جان محمد مهر جي خاندان سان انصاف ناهي ٿيو،
اسان حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته شهيد جان محمد مهر ڪيس ۾ انصاف ڪن، اسان انتقامي سياست تي يقين نٿا رکون، شاہ محمود قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا، نوجوانن جي ڳالھ ڪندو آهيان ان ڪري آئون نوجوان جي حيثيت سان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان،
ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جا نوجوان به هوندا ان سان گڏوگڏ بزرگ سياستدان به هوندا، عمران خان وزير اعظم هوندي هڪ گهر به نه ڏنو، آئون وزير خارجه هوندي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا، اسان گهر ڏيڻ جي حوالي سان رڳو ڳالهه نه ڪندا آهيون پر عمل ڪري ڏيکارينداسين، اليڪشن لاءِ پيپلزپارٽي تيار آهي، اتحاد ٺهندا رهندا آهن، اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون،
ماضي ۾ به اسان جي خلاف اتحاد ٺهيا ۽ مستقبل ۾ به ٺهندا، سياسي قائد سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سياسي ڪارڪنن سان ڪي به اختلاف ناهن، اهي اسان سان گڏجن ۽ دهشتگردي سان گڏجي مقابلو ڪن، صرف موٽروي ٺاهڻو ناهي پر اسان کي ٻيا به ڪم ڪرڻا آهن، عمران خان جيڪي گهر ۽ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان وٽ منصوبو نه هو، پر اسان اهو ڪري ڏيکارينداسين،
ان لاءِ ڪجھ هوم ورڪ ڪري ورتو آهي، ڪو هڪ ملڪ موسمي تبديلي جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي اسان ڪجھ پنهنجا وسيلا ۽ ڪجھ ٻاهرين ملڪن کان مدد وٺي منصوبا مڪمل ڪنداسين.
ڊسمبر 29, 2023