ٽنڊوڄام لڳ ڪُنر آئل فيلڊ وٽ او جي ڊي سي ايل جي سهڪار سان اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊي ڄام ويجهو ڪُنر آئل فيلڊ وٽ او جي ڊي سي ايل جي سهڪار سان ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ريجنل ڪو آرڊينٽر OGDCL زاهد علي مهيسر ڪيو، مفت اکين جي ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي اکين جو معائنو ڪيو،

انهي موقعي تي ايندڙ مريضن کي چڪاسي انهن کي مفت چشمه، دوائون ۽ آپريشن ڪيا ويا، انهي حوالي سان زاهد علي مهيسر، فيلڊ مينيجر محبوب علي لغاري، سينئير سي ايس آر برڪت علي سوُهُو ۽ ٻين ٻڌايو ته ديھ ڪنُر آئل فيلڊ وٽ الشفاء ٽرسٽ آئي هاسپيٽل جي مدد سان مفت اکين جي علاج واري ڪئمپ او جي ڊي سي ايل ڊسپينسري ۾ لڳائي آهي،

 جنهن ۾ ڀرپاسي جي عوام کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، ايندڙ مريضن کي چڪاسي انهن جون ٽيسٽون ڪرڻ سان گڏ مفت دوائون، چشمه، ۽ آپريشن ڪيا پيا وڃن.

انهن چيو ته او جي ڊي ايل جي انتظاميا جي وڌ کان وڌ ڪوشش رهي آهي ته هو آس پاس جي علائقن ۾ رهندڙ عوام کي صحت، تعليم، ۽ صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪري. انهن وڌيڪ ٻڌايو ته ديھ ڪُنر فيلڊ ۾ وقتن به وقت تي اکين جي ڪئمپ سان گڏ، چمڙي، ۽ بريسٽ ڪينسر جو مفت ڪئمپون لڳايون وينديون آهن.

 انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻاهريان علاج مهانگا آهن تنهن لاء OGDCL جي سهڪار سان مختلف جڳهن تي ڪئمپز لڳايون وينديون آهن جئيڪ عوام کي لاڀ حاصل ٿي سگهي. هنن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڪئمپ ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪري مفت علاج جي سهولت مان فائدو حاصل ڪن.

ڊسمبر 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو