نوشهروفيروز: صحافي ماجد تڳر تي ٽي ايم او پاران ڪوڙي ايف آء آر داخل ٿيڻ خلاف احتجاج
نوشھرو فيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي ) نوشهروفيروز جي صحافي ماجد تڳر تي ٽي ايم او لياقت ڀٽي نوشھرو فيروز پاران ڪوڙي ايف آء آر داخل ٿيڻ خلاف آل پروفيشنل نيوز پرسنز الائينس ضلع نوشهروفيروز پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
جنهن جي اڳوڻي آل پروفيشنل نيوز پرسنز الائينس ضلع صدر محمد عادل عباسي ۔جوائنٽ سيڪريٽري ثناءالله عباسي ۔ انفارميشن سيڪريٽري عبدالرزاق چنا ۔ پريس سيڪريٽري راجا رئيس سولنگي ۔ منير احمد گانگهو۔ سرور وسطڙو ۔ نثار وسطڙو ۔ اسد عمراڻي ۔ فريد لاشاري ۽ ٻين پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي
۽ چيو ته ٽي ايم او لياقت ڀٽي خلاف فورن قدم کڻڻ جي گھر ڪئي ان موقعي تي ماجد تڳر ٻڌايو ته ميونسپل جي ملازمن جي احتجاج جون خبرون ھلائڻ تان منھنجي خلاف من گھڙت ايف آء آر داخل ڪري پنھنجي ڪرپشن لڪائڻ ٿو چاھي اسان وس وارن کان مطالبو ٿو ڪريون ته فورن ڪوڙي من گھڙت ايف آء آر ختم ڪئي وڃي ور نه سخت احتجاج ڪنداسين صحافي ماجد تڳر تي داخل ڪيل ڪوڙي ايف آء آر ختم نه ٿي سخت احتجاج ڪنداسين.
ڊسمبر 28, 2023