شھيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رھيا آھيون: پير مظھرالحق

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو جمھوريت جي بحالي ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ جان جو نظرانو ڏئي اھيو ثابت ڪيو آھي ته طاقت جو سرچشمو عوام آھي،

شھيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رھيا آھيون، انشالله 27 تي پاڪستان پيپلز پارٽي دادو طرفان وڏي ڪافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سندس جي بيمثال لازوال قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪنداسين،

 اهڙو اظهار سينئر سياستدان پير مظھرالحق ۽ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي بيئرسٽر پير مجيب الحق يوم شهادت ايشاء جي عظيم ليڊر محترمه بينظير ڀٽو جي  16 ورسي تي پيرهائوس دادو کان قافلو ڳڙهي خدا بخش   لاڙڪاڻي روانو ٿيندي وقت ڪيو،

 ان موقعي تي ايم عمر پنھور، غلام حيدر کوسو  حاجي لائق سولنگي، امدادعلي ڏاوڇ، احمد نواز سولنگي، شھمير علي چهواڻ، علي حيدر قمبراڻي، حاجي لياقت علي سومرو، شمس الدين ٻٻر، منظور علي کوسو، محمد خان ڀنڊ، طاهرعلي لغاري، ڪامريڊ نظير احمد قمبراڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

ڊسمبر 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو