شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي 16 سال گذري ويا اھن: رسول بخش جاکرو
ٺٽو(نظير احمد قريشي) جاکرا برادري جي معزز اين اي 225 ٺٽو ۽ پي ايس 75 ٺٽو جي اميدوار وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو اھي تہ ايشيا کنڊ جي عظيم سياسي اڳواڻ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي، سنڌو ماٿري جي عظيم ليڊر مسلم دنيا جي پھرين خاتون وزير اعظم ملڪ ۽ جھموريت لاء پنھنجي والد ۽ ڀائرن سميت پنھنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ کي اسان کان وڇڙي 16 سال گذري ويا اھن،
پر ھوء اڄ بہ عوام جي دلين ۾ موجود اھي، آء کيس سندس 16 ھين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، جنھن پنھنجي جان جو نذرانو ڏيئي جھموريت کي قائم رکيو اھي،
ھن اھي ڳالھيون مڪلي تي عوام سان ملڻ بعد عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيون، وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو تہ اسان کان ھتان جي مظلوم عوام جا ڏک درد برداشت نٿا ٿين، جن کي ھميشہ نظرانداز ڪري کين ٽئين درجي جو شھري بہ تسليم نٿو ڪيو وڃي،
اسان ان مظلوم عوام سان گڏ اھيون ۽ کين پنھنجا کسيل حق ڏياري سک جو ساھ کڻنداسين. ھن چيو تہ عوام جي بنا فرق جي خدمت وارو عمل ھميشہ جاري رھندو، عوام بہ سندن ساٿ ڏي انھن جي ساٿ سان ئي سندن سمورا مسئلا حل ڪرايا ويندا. ان موقعي تي وڏيرو اسلم جاکرو، وڏيرو ڀٽو جاکرو، شعيب ڪنڀار ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
ڊسمبر 28, 2023