سيوھڻ: قلندر لعل شھباز رحھ جي مزار جي ڪروڙين روپيه آمدني باوجود بنيادي سھولتون کان محروم

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار جي ڪروڙين روپيه آمدني ھوندي بہ درگاھ تي ايندڙ زائرين کي بنيادي سھولتون نہ ھئڻ جي برابر، جڏھن ته ڪيترا چڪر پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ خبرون ھليون آھن، پر پوء به اوقاف کاتي سنڌ جي عملدارن کي ڪن تي جوئن به نه چري،

جڏھن ته حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي ھڪ به سرڪاري مسافر خانو ٺھيل نه آھي، ھاڻي جيڪو غريب ماڻھون درگاھ تي اچي ته اھو غريب ڪاٿي رھي، جڏھن ته ھن مھانگائي جي دور ۾ پنھنجي ٻچن کي کارائي يا وري ڪنھن مسافر خانه ۾ رھائش وٺي، جڏھن ته اوقاف کاتي جو ھڪ مسافر خانو ھوندو ھيو جيڪو درگاھ جي اولھ طرف کان ھوندو ھئو

 ان ۾ غريب زائرين اچي رھندا ھئا، جڏھن ته ان مسافرخاني  ۾ واش روم وغيره بہ ھوندا ھئا، ان کي اوقاف کاتي سيوھڻ جي انتظاميہ الائي ڇو بند ڪري ڇڏيو آھي،  نھايت ڏک جي ڳالھ آھي ته اوقاف کاتي سيوھڻ ان مسافرخاني کي ڪيتري وقت کان بند ڇو ڪري ڇڏيو آھي،   پر نھايت افسوس سان لکڻو پوي ٿو، ته اوقاف کاتي سيوھڻ جي عملدارن کي  ڪابه پرواھ  نه آھي،

 ته حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي درگاھ جي ايتري وڏي آمدني ھوندي بہ غريب زائرين لاء اوقاف کاتو اھو بند ڪيل مسافرخانو کولڻ لاء ئي تيار ئي نه آھي، خدارا ڪجھ غريب زائرين تي رحم ڪيو ۽ اوقاف جو بند ڪيل مسافرخانو کوليو .

ڊسمبر 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو