پرڏيهي سماجي ڪارڪن جي ماه رنگ بلوچ جي حمايت ۾ بيان تي اسلام آباد پوليس جو جواب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سماجي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ پنهنجي هڪ سوشل ميڊيا بيان ۾ ماه رنگ بلوچ سميت ٻين مظاهرين سان ايڪي جو اظهار ڪيو جنهن تي اسلام آباد پوليس به کيس جواب ڏنو آهي.
ڪلائمينٽ چينج بابت سرگرم اڳواڻن بيان ۾ چيو ته اسان ماه رنگ بلوچ ۽ ٻين مظاهرين سان گڏ آهيون ۽ اسان جي تنظيم ساڻن ايڪي جو اظهار ڪري ٿي.
هن لکيو ته پرامن مظاهرين کي کنڀيو ويو ۽ پوليس پاران تشدد جو نشانو بڻايو.
ان تي اسلام آباد پوليس ٽويٽ کي جواب ڏيندي چيو ته مظاهري ۾ ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جو ثبوت ناهي.
ڊسمبر 26, 2023