17 ڀيرا وزير رهيس پر ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو: شيخ رشيد

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مان 17 ڀيرا وزير رهيس پر ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ منهنجا ۽ راشد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن، مان 6 کان 7 مخالف ته ڏٺا هئا پر هن ڀيري منهنجا مخالف 44 اميدوار آهن.
هن چيو جيڪڏهن خدا کي منظور ٿيو ته پهرين جنوري کان چونڊ مهم شروع ڪندس، گهٽي گهٽي ۾ مهم هلائيندس ۽ جلسو رڳو 6 فيبروري تي هڪ ئي ڪندس.
سندس چوڻ هو ته مان اصلي ۽ نسلي آهيان، پي ڊي ايم خلاف عوام ۾ ويندس.

ڊسمبر 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو