پي ٽي آءِ سموري ملڪ مان عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آھي: حاجي گوهر خان کوسا 

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد  علي گل ڪلوڙ) پي ٽي آءِ سينيئر اڳواڻ حاجي گوهر خان کوسا  عام چونڊن 2024ع ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 24 تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خيالن جو اظهار ڪيو

تيپاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار کي عوام جي طاقت (ووٽ) سان ڀرپور ڪاميابي ملندي ۽ مخالفن جي ننڊ اُڏامي ويندي، پي ٽي آءِ سڄي ملڪ مان عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

 ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جا مداح 8 فيبروري تي گهرن مان ٻاهر نڪرندا ۽ 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ جي سمورن اميدوارن کي ووٽ ڏيندا ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ وارن جو احتساب ڪندا.  هن چيو ته اسان جون عوامي خدمتون عوام جي سامهون آهن، هنن اڳ به ميدان خالي ڪيو هو ۽ هاڻي ميدان خالي نه ڇڏيندا.

ڊسمبر 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو