شھيد ذوالفقار ڀٽو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مزدورن کي حق ڏنا: بلاول ڀٽو

Spread the love

نواب شاھ ( رپورٽ: فداحسين رند) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪاليج جي 57 شاگردياڻين جي پنجن سالن جي ٽريننگ مڪمل ڪرڻ ۽ ٽئين پاسنگ آئوٽ ۾ شرڪت جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مزدورن کي حق ڏنو،

اسان چاهيون ٿا ته مزدور ڪارڊ ذريعي پنهنجي مزدورن کي سهولت ڏيون، مزدور ڪارڊ انهن مزدورن کي ڏنو ويندو جيڪي گهر ۾ ڪم ڪن ٿا، ھن چيو ته مزدور ڪارڊ جيڪي دڪانن تي ڪم ڪن ٿا جيڪي خود ملازم آهن اھي پڻ حقدار آهن،

 انهن کي پنهنجي پينشن ۽ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ جو حق پڻ آهي، ھن چيو ته مزدورن جي بيمارين جو علاج ۽ صحت لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو منشور آهي، نوجوانن کي تعليم جي سهولت ڏني ويندي، ھن چيو ته سولر انرجي سسٽم ذريعي عوام کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي، ھن چيو ته توهان سوچي رهيا هوندا ته مون تمام سٺيون وڏيون دعوائون ڪيون آهن،

پر ڪيئن؟ مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان وٽ پاڪستان ۾ ايترا وسيلا ۽ طاقت آهن جو اسان اهي سڀ ڪم ڪري سگهون ٿا، ھن چيو ته هاڻي پيسو بچائي پنهنجي عوام تي خرچ ڪري سگهون ٿا، ھن چيو ته ملڪ جي آبادي جو 70 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ انهن جو حق آهي ته کين روزگار ۽ تعليم جا بهترين موقعا فراهم ڪيا وڃن، ھن چيو ته نوجوانن جي لاءِ تعليمي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا،

مزدورن، هارين، پورهيت عورتن لاءِ هيلپ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن کي هڪ سال لاءِ مالي مدد ڏني ويندي، ھن چيو ته يوٿ سينٽر قائم ڪيو ويندو جتي نوجوانن کي سموريون سهولتون ۽ مهارت جي تربيت ڏني ويندي، ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي صحت جي شعبي ۾ مفت سهولتون ڏنيون آهن، اين آءِ سي وي ڊي، گمبٽ ۽ ايس آءِ يو ٽي جي سهڪار سان مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ھن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ 17 وزارتون ختم ٿيڻيون هيون پر ختم نه ڪيون ويون،

انهن 17 وزارتن تي هر سال 100 ارب رپيا خرچ ٿيندا آهن، ھن چيو ته هر سال 300 ارب رپيا سبسڊي جي مد ۾ خرچ ٿيندا آهن، انھن سڀني کي ختم ڪري اهو سمورو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گھرجي، ھن چيو ته توانائي شعبي، ڪمپنين کي 1500ارب جي سبسڊي ڏني پئي وڃي،

ان کي ختم ڪري اربين رپيا عوام تي خرچ ڪيا ويندا، ھن چيو ته دنيا جو ڪو به شعبو هاڻي عورتن جي شموليت کان سواءِ نامڪمل سمجهيو پيو وڃي، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي، جڏھن ته ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪاليج جي ثقافتي تقريب جو افتتاح ڪيو، جڏھن ته بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج مان 57 شاگردياڻيون پاس آئوٽ ٿيون،

جڏھن ته بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 300 شاگردياڻيون پڙهن ٿيون، جڏھن ته پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردياڻين ۽ ڪاليج جي عملي کي بلاول ڀٽو زرداري تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، جڏھن ته بلاول ڀٽو زرداري ڪيڊٽ زينب ملڪ ۽ ڪيڊٽ سورٺ کي اعزازي تلوار ۽ قائداعظم ايوارڊ ڏنو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سائنس اينڊ آرٽس نمائش ۾ ڪيڊٽس پاران تيار ڪيل سائنس جي مختلف پراجيڪٽس ۽ آرٽس جو جائزو ورتو، جڏھن ته بختاور گرلز ڪاليج جي شاگردن پي ٽي شو پيش ڪيو ويو.

ڊسمبر 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو