مورو جي ڳوٺ الھداد عالماڻي واسي 17سالن جو نوجوان ڪراچي ۾ اغوا بعد قتل

Spread the love

مورو (رپورٽ: انيس ڪورائي) مورو جي ڳوٺ الھداد عالماڻي جو رھواسي 17سالا نوجوان ڪراچي ۾ اغوا بعد قتل ٿي ويو ھئو جنھن جي قاتل گرفتار نه ٿيئڻ ء ڪراچي پوليس پاران وارثن سان قتل تي ويل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيئ.

خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آھي تہ اسان جو نوجوان پڙھائي لاء مورو کان ڪراچي جي فقير آباد واري علائقي ۾ ڪندڙ ھئو جنھن کي قتل کان ٻہ ڏينھن اڳ اغوا ڪري بعد ۾ بي دردي سان قتل ڪيو ويو

سندس لاش سپر ھائي وي ٿاڻي جي حد مان مليو جنھن جو ضروري ڪاروائي ڪرائڻ بعد لاش مورو آندو ويو آھي اڄ سندس کي قتل ٿيندي ڇھ ڏينھن گذري ويا آھن مگر ڪراچي پوليس پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاء ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا ويا نه ئي سندن وارثن سان ڪو تعاون ڪيو وڃي ٿو

 متاثر ماڻھن پاران آئي جي سنڌ ايڏيشنل آئي جي ڪراچي رينجرس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ڊسمبر 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو