رسول آباد لڳ ھنڱورجا ۾ شين جي اگھن تي ضابطو نھ آيو، عوام پريشان

Spread the love

رسول آباد ( رپرٽ: حب علي جهانگر ) رسول آباد لڳ ھنڱورجا ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ميرس نگران وزيراعلي  جي حڪم مطابق سرڪاري ريٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام

ھنڱورجا شھر ۾ ڪلر ۽ يوريا جا واپاري زور ٿي ويا منپسند ھٿرادو ريٽ وٺي ھارين ۽ آبادگارن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا  ھن ملڪ ۾ ڪو به قانون ڪونهي نگران حڪومت باوجود ماڻهن کي ڪو به رليف ناھي ملي سگھيو

 ھر طرف لٽ مار جي بازار گرم لڳي پئي آھي لاڳاپيل ادارا مڪمل خاموش بڻجي ويا آھن عوام بي يارو مددگار بڻيل نگران وزيراعلي ڪيترائي ڀيرا ڊي سيز کي حڪم ڏئي چڪو آھي

 ته ڊالر ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي کانپوء عام استعمال جي شين سميت تمام اسمن تي گھٽايل قيمتن تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي پر ان جي ابتڙ ضلعو خيرپور ميرس ۾ اھڙين ڪنهن به قسم جون ڪاروايون نظر نه اچي رھيون آھن اسان سنڌ جي وزيراعلي کان مطالبو ٿا ڪيون ته فلفور ڪلر ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جا ريٽ سرڪاري سطح تي مقرر ڪرائي مسڪين ھارين کي رليف فراھم ڪيو وڃي.

ڊسمبر 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو