اعليٰ ادارن کي اپيل ڪيا ٿو ته مونسان انصاف ڪري پگهارون ڌنيون وڃن: عبدالرئوف

Spread the love

نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ڀرسان مصر جي واھ تي قائم واٽر سپلائي اسڪيم جو چوڪيدار عبدالرئوف ڏاهري پبلڪ هيلٿ نوشهروفيروز جي انجنئير علي اڪبر ميتلو جي ظلمن کان تنگ ٿي ڪري

  عوامي پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مان واٽر سپلائي اسڪيم مصر جي واھ تي چوڪيدار آهيان

 مان ڏينهن رات ڊيوٽي ڪندو آهيان جڏهن ته ڪرپٽ راشي انجنئير علي اڪبر ميتلو ڪافي مهينن کان منهنجو پگهارو روڪي ويٺو آهي جڏهن به ان وٽ پگهار لاء وڃان ٿو ته مونکان 1 لک روپيا رشوت گهري آهي

جيڪا مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته منهنجو پگهار بند ڪري ڇڏيو آهن جڏهن ته اسان جي ڳوٺ اندر آر او پلانٽ لڳل هو جيڪو گذريل 5 سالن کان بند پيل آهي جتي ملازم رکيل آهن

 انهن کان به 10 پرسنٽ گهر ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪال رڪاڊنگ صبوط پيل آهن جيڪي مان نيب سميت اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آئي آڏو پيش ڪندس  مان غريب مسڪين آهيان منهنجي گهر جو سڄو خرچ پگهار تي هلندو آهي

 پگهارون نه ٿيڻ سبب سخت پريشان آهيان اڳر پگهارون جاري نه ڪيو ويو ته مان سخت احتجاج ڪري پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس جنهن جو ذميوار ڪرپٽ راشي انجنئير علي اڪبر ميتلو هوندو مان نگران حڪومت سميت اعلا ادارن کي اپيل ڪيا ٿو ته مونسان انصاف ڪري پگهارون جاري ڪيو وڃن.

ڊسمبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو