نوشهروفيروز: اسلام آباد ۾ بلوچ مارچ  وارن تي تشدد خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ قائم

Spread the love

نوشهروفيروز(رپورٽ: محمد عادل عباسي) نوشھروفيروز ۾ بلوچ لانگ مارچ تي اسلام آباد پوليس جبر جي خلاف ۽ جاري لانگ مارچ سان يڪجهتي اظهار لاء نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان پر امن ڪئيمپ قائم ڪئي وئي

 جنهن جي اڳواڻي پروگريس يوٿ الائينس۽ شھيد ڀٽو  جي اڳواڻن زينب پيرزادو ۔ شبانه پيرزادو ۔ حق نواز راڄپر ۔ خالد راڄپر ۔ نويد راڄپر ۔ زاهد حسين ۔ عتيق الرحمان وسطڙو ۔ محمد عادل عباسي ۔ شھيد ڀٽو اڳواڻ خالد چانڊيو بشارت کوسو وسيم ڏنگراج ورحيام گاڏي انور سولنگي پرويز ٻاٽ جاني عمراڻي احسان کوسو آصف مشوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

 اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چئيو ته اسلام آباد ۾ پر امن احتجاج ڪندڙن بلوچ عورتن ۽ ٻارڙن مظاھري تي پوليس پاران طاقت استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي شھيد ڀٽو اڳواڻ خالد چانڊيو وڌيڪ ٻڌايو ته مظاھرين تي پوليس جو وحشياڻو تشدت ۽ شيلنگ ناقابل برداش آھي

 ڊاڪٽر ماھ رنگ سميت ڪيترن ئي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدت ۽ افسوسناڪ آھي زينب پيرزاده چيو ته حڪومت جو اھو رويو غير جھموري غير سياسي ۽ غير انساني عمل آھي انصاف فراھم ڪرڻ بدران مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان لٺيون وسايون ويون

مذھب معاشرو پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدت جي اجازت نٿو ڏئي انھن چيو ته لانگ مارچ جي پرامن شريڪ ماڻھن جي فرياد ٻڌڻ بدران انھن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو ويو ۽ بلوچ عوام جي آواز جي رستا روڪ نٿي ڪري سگھجي

پرامن مارچ تي پوليس تشدت ذريعي بلوچن کان انساني حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڄي شھيد ڀٽو ۽ پروگريس يوٿ الائينس جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته بلوچ ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدت ۽ لاٺي چارج جي جانچ ڪرائي وڃي ان ۾ ملوٽ انتظاميه جي اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري گرفتار ٿيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

ڊسمبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو