نظير ڀٽو پاران يوسي ڇشما جي بختاور ڳوٺ ۾ ڊسپينسري جو افتتاح ڪيوويو
ملير (رپورٽ: قادر درس ) ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو عوام کي صحت جي مفت سهولت ڏيڻ لاء يوسي ڇشما جي بختاور ڳوٺ ۾ ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو,
جڏھن ته تعليم جي سهولت ڏيڻ لاء اسڪول جو پڻ افتتاح ڪيو, ان موقعي تي بختاور ڳوٺ جي رهواسين پاران صحت ۽ تعليم جي سهولت ملڻ تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مٿس گلن جي ورکاء ڪري شاندار استقبال ڪيو,
ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو رهواسين سان ملاقات ڪري علائقي جي مسئلن بابت ڄاڻ ورتي , رهواسين پاران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلديا پاران صحت ۽ تعليم جي مفت سهولت ڏيڻ سميت پيئڻ جي پاڻي ,
سيوريج لائين ۽ اسٽريٽ لائٽ لڳائڻ تي ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو جا ٿورا مڃيندي چيو ته سالن کان اسان ترقياتي ڪمن کان محروم رهيا آهيون, سرڪاري ڊسپينسري ۽ اسڪول کلڻ سان غريب ماڻھن کي صحت ۽ تعليم جي سهولت ملندي, ھاڻ غريبن جا ٻار به پڙھي سگهندا, پرائيويٽ اسڪولن ۽ اسپتالن مان اسان جي جان چٽي پئي,
روڊ , سيوريج ۽ اسٽريٽ لائٽ جي سهولت ملڻ سان اسان سک جو ساھ کنيو آھي, اسين ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جا ٿورائتا آھيون جن اسانکي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آھن,
ان موقعي تي ٽائون چيرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ اسانجو فرض آھي , اليڪشن وقت جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن تي عمل ڪري رهيا آھيون, ملير جي عوام پاڪستان پپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو هاڻ اسان تي فرض آھي
ته عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪيون , ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪندي عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکيو آھي. پاڪستان پپلز پارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي, عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاء ماسٽر پلان جوڙيو ويو آھي,
ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي عوام جي بهتري ۽ ترقي ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آھن عوام پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن ۽ سار سنڀال به ڪن,
بختاور ڳوٺ کي ماڊل وليج ۾ تبديل ڪنداسين, ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر تنوير آرائين, چيف انجينئر سهيل ملاح سميت ٽائون آفيسر ۽ علائقا معززين پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا.
ڊسمبر 23, 2023