سکر: پريا ڪماري، علي اصغر منڱريو۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ  احتجاج ڪيو ويو

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سکر مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري، نوجوان علي اصغر منڱريو سميت سنڌ مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ  احتجاج 81 ڏينهن به جاري، مغوين جي بازيابي لاءِ نعرا بلند، سنڌ سرڪار ۽ سکر پوليس جي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪن لاٽار جي انتها تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو

احتجاجي ڪئمپ تي ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين جي وفد حفيظان ڀٽو جي قيادت ۾ شريڪ ٿي معصوم پريا ڪماري ۽ علي اصغر منگریو جون تصويرون کڻي احتجاج ۾ شامل ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو

 ۽ حڪمرانن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن جي خاموش تماشائي ڪردار جي مذمت ڪئي وئي سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم  نياڻي پريا ڪماري ۽ سکر ايوب گيٽ وٽان  اغوا ڪيل نوجوان علي اصغر منگریو، محرابپور مان اغوا ٿيل نوجوان شاگرد علي حسن ميمڻ سميت سنڌ جي سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ  ڊاڪٽر نذير کوکر جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري رهائي ڪميٽي طرفان سکر پريس ڪلب اڳيان ڏينهن رات جاري احتجاجي ڪئمپ تي ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلاول، عطا محمد ڀٽو، محمد اعظم منڱريو ۽ ٻيا شامل هئا

ڊاڪٽر نذير کوکر ميڊيا کي ٻڌايو ته حڪمرانن جي بي حسي ۽ پوليس جو خاموش تماشائي ڪردار اسان جي جدوجهد کي ختم نه ٿو ڪري سگهي  وڌيڪ افسوس جو اهو مقام آهي ته 81ڏينهن  ٿي وڃڻ باوجود اڃان تائين ڪنهن به انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم يا سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن پاران  مغوين جي بازيابي لاءِ ڪو نه تحرڪ ورتو ويو

نه ڪو آواز ناهي اٿاريو ويو آهي حڪومتي نمائندن کي اقتدار ۽پاور جي لذت بي هوش بڻايو آهي غريب عوام سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ناانصافي جو سلسلو جاري رهڻ انهن جي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو سکر سان تعلق رکندڙ معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ علي اصغر منگريو جي اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي خبر هوندي

 سنڌ پوليس کين بازياب نه ٿي ڪرائي ۽ نه ئي سکر جو شعور اڳتي پيو اچي ان ظالم ڀوتارن ۽ ڌاڙيلن جي ظالمن خلاف اسان  راڻيپور کان مغوين جي بازيابي لاءِ  مسلسل ڏينھن رات واري جدوجهد شروع ڪئي جنهن کي 111ڏينھن ٿي ويا پر رياست اسان جي لاڳيتي احتجاج کي به  مسلسل نظر انداز ڪري رهي آهي.

ڊسمبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو