سانگهڙ: ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 27 هون ساليانو والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ 27 هون سالياني والدين جو ڏهاڙو شاندار انداز سان ملهايو ويو. سالياني والدين جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽاسوري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

 تقريب ۾ ريئر ايڊمرل محمد سليم ہلال امتياز (ملٽري)، چيئرمين بورڊ آف گورنرز، ڪموڊور ٽريننگ اشور، ميمبرن بورڊ آف گورنرز، فوجي آفيسرن، ضلعي حڪومتن جي آفيسرن، علائقي جي معززين ۽ ڪيڊٽس جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ڪيڊٽس جي جوانن مهمان خاص کي سلامي ڏني ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو، ڪيڊٽس پاران پريڊ، پي ٽي شو، جمناسٽڪ، ٽائيگر اسڪواڊ ڊرل، ٽينٽ پيگنگ ۽ هارس شو جمپنگ پڻ ڪئي وئي.  تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ چيو ته معياري تعليم قومن جي ترقي ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

مهمان خاص ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي ڪيڊٽس جي تعليمي بورڊ ۾ شاندار نتيجا حاصل ڪرڻ تي ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ شاگردن کي بهترين تربيتي سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڪاليج انتظاميا کي ساراهيو. 

هن پاڪستان جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي ساحلي پٽي ۽ سنڌ ۾ معياري تعليم جي فراهمي ۾ پاڪستان نيوي جي ڪردار کي ساراهيو. هن ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ چيف گيسٽ طور دعوت ڏيڻ تي چيئرمين بورڊ آف گورنرز جا ٿورا مڃيا.

 ان کان اڳ پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ڪموڊور ذيشان علي ستاره امتياز (ملٽري) پنهنجي استقباليه تقرير ۾ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ پنهنجي سازگار ماحول ذريعي ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي،

هن وڌيڪ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ ڪيڊٽ مختلف شعبن ۾ تيار ڪيا ويندا آهن. زندگي لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ، بشمول دفاع، سول سروسز، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻيا مختلف شعبا آهن.

 مهمان خاص نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا، اڳوڻي ڪيڊٽ ابن عبدالله کي اسٽڪ آف آنر ۽ اڳوڻي ڪيڊٽ رانا شهريار کي بيج آف آنر ڏنا ويا.

 ڪيڊٽ محمد ڪبير (سينئر) ۽ ڪيڊٽ محمد حذيفه (جونيئر) کي سال جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته چيمپيئن ٽرافي ڄام صادق علي ڊويزن کٽي ورتي. ان کان علاوه خاص مهمان اڳوڻي ڪيڊٽ جواد لاڙڪ، اڳوڻي ڪيڊٽ ميجر محمد آصف خٽڪ ۽ اڳوڻي ڪيڊٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر محمد شعيب کي ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ پاران ”بيسٽ المنائي ايوارڊ“ حاصل تي مبارڪباد ڏني،

مهمان خاص سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان نئين تعمير ٿيل مهراڻ ڪيڊٽس ميس جو پڻ افتتاح ڪيو، جنهن ۾ 1000 ڪيڊٽس جي ويهڻ جي گنجائش سميت بهترين سهولتن سان ليس آهي.

 مهمان خاص يادگار طور هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو.  گورنر سنڌ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ منصوبي جي بروقت مڪمل ٿيڻ تي ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ڪيڊٽس پاران پيش ڪيل سائنس، آرٽس ۽ ثقافتي نمائش پڻ ڏٺي ۽ ڪيڊٽس جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيو.

 تقريب ۾ آيل سمورن مهمانن ڪيڊٽس جي پيش ڪيل مختلف پرفارمنس ۽ سرگرمين مان ڀرپور لطف اندوز ٿيا ۽ ڪامياب پروگرام منعقد ڪرڻ تي ڪاليج انتظاميا ۽ ڪيڊٽس کي ساراهيو.

ڊسمبر 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو