دادو: قربان ڪلب پاران 41 ھون آل پاڪستان قربان شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ منعقد
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ قربان ڪلب پاران 41 ھون آل پاڪستان قربان شوٽنگ والي بال 3 روزا ٽورنامينٽ مرحوم سڪندر گھلو ۽ مرحوم غلام مصطفيٰ زئونر جي ياد ۾ ڪرائي پئي وڃي، ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان 42 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن،
ٽورنامينٽ جي ٻئي ڏينھن قربان ڪلب دادو ۽ پنو عاقل جي ٽيم ۾ سخت مقابلو ٿيو جنھن کانپوءِ قربان ڪلب دادو جي ٽيم پنو عاقل جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پھچي وئي،
ٽورنامينٽ آرگنائيزر اڳوڻو ايس ايس پي غلام حسين مستوئي ۽ قربان ڪلب دادو جي ٽيم جي ڪيپٽن محمد صالح ٿھيم چيو ته والي بال راند ڏسڻ لاءِ پوري سنڌ توڙي پاڪستان شوقين ايندا آھن فائنل کٽيندڙ ٽيم لاءِ ٽرافي ،ڪيش انعام سان گڏ وڏا انعام پڻ رکيل آھن.
ڊسمبر 23, 2023