اسان شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ٻيا ڪم به هلندڙ آهن: سردار خليل احمد خان
وڳڻ (رپورٽ: مير عاجز) پيپلز پارٽي جون عوام ۾ پاڙون آهن شهيدن جي پارٽي سموري ملڪ مان سوڀاري ٿيندي ، مخالفن جا اتحاد ٺھندا رهندا آهن عوام جي محبت پيپلز پارٽي سان اڄ به آهي اسين غريبن مسڪينن جي خدمت ڪرڻ کي فرض سمجهون ٿا هر وارڊ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ٽائون چيئرمين سردار خليل احمد خان وڳڻ
خبر موجب وڳڻ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سردار خليل احمد خان وڳڻ سان سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي صحافين جي وفد ۾ سرپرست اعلي ڪامريڊ غلام حسين مغيري ، صدر ساجد بلوچ ، جنرل سيڪريٽري عاجز چانڊيو ،ضمير حسين چانڊيو ، سردار احمد سومرو ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي چيئرمين محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻين ملاقات ڪئي
پڻ شهر جي مسئلن بابت ڳالھيون ڪيون ويون پڻ ان وقت شهر جا معززين محمد يونس پٺاڻ ، محمود خان پٺاڻ ، جهانگير عباسي ، ۽ ٻيا موجود هيا ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سردار خليل احمد خان وڳڻ چيو ته صحافي سماج جو آئينو آهي پيپلز پارٽي هميشا ميڊيا جي آزادي جي ڳالھ ڪندي آهي اسان شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن
ٻيا ڪم به هلندڙ آهن عوام جي خدمت ڪرڻ فرض آهي عوام جو اسان تي اعتماد آهي شهيد محترما بينظير ڀٽو جي ورسي تي پڻ وڳڻ ٽائون جا عهديدار ڀرپور نموني شرڪت ڪندا جڏھن ته 8 فبروري تي پوري ملڪ مان پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو وزيراعظم ٿيندو.
ڊسمبر 23, 2023