نواب شاھ : اسلام آباد پوليس پاران احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تي تشدد خلاف احتجااج
نواب شاھ (رپورٽ: فداحسين رند) اسلام آباد پوليس پاران پنھنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تي تشدد ۽ لاٺي چارج ڪري کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف نواب شاھ جي وڪيلن، نوجوانن ۽ شاگردن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،
جڏھن ايڊووڪيٽ علي رضا چنه، مختيار رند، نعيم منگي پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڳوٺ ايوب خان رند جي نوجوان پاران جاويد رند،
شھزور رند، افضل رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ايوب خان رند کان نواب شاھ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، بلوچ نوجوانن ۽ شاگردن پاران شيراز بلوچ، امان الله رند، سلطان رند، حمزہ بلوچ، جھانزيب بلوچ، انصار لنڊ، جڏھن ته شاگردن شير علي، آفاق لھڙي، موسيٰ رند، شھزاد لھڙي، سلمان ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي
نواب شاھ پريس ڪلب پھتا، ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بلوچستان کان اسلام آباد تائين پنھنجي پيارن جي آزادي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين مٿان اسلام آباد پوليس پاران بي رحماڻي تشدد ۽ جبري گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،
ھنن نگران حڪومت ۽ ٻين اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو ته بلوچ نياڻين مٿان تشدد ڪري کين گرفتار ڪرڻ ۾ جيڪي پوليس اھلڪار ملوث آهن انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
ڊسمبر 22, 2023