ڏوڪري: عادل الطاف حسين انڙ پي ايس 13 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو

Spread the love

ڏوڪري(رپورٽر)  ڏوڪريءَ ۾ پ پ جي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ صوبائي تڪ پي ايس 13 لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڳوٺ علي آباد کان ھزارين ورڪرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسین انڙ ڏوڪري پهچي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا.

ان موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڙ خاندان پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ اقتدار جي لالچ نه رکي آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتان جو عوام کين دل سان پسند ڪري ٿو.

هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي پي ايس 13 جي تڪ تي سوڀ حاصل ڪري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوام جي خدمت ڪبي. عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ جو عوام ڄاڻي ٿو ته ڏکين حالتن ۾ ڪهڙو ليڊر ۽ ڪهڙي پارٽي رهي آهي

جنهن جيل ۽ سختيون برداشت ڪيون پر عوام کي ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي نه ويا. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي ورڪرن عادل الطاف حسين انڙ کي گلن جا هار پارايا ۽ نعريبازي ڪئي.

جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي صدر منير احمد سوهو، پيپلزپارٽي سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، اڳوڻو ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، يوسي مڏهابو چيئرمين رئيس مظفر چانڊيو، زوار فدا حسين ابڙو،آغا جلباڻي، نياز حسين سوهو، قاضي آفتاب احمد، اطهر سنديلو، ياسر منگي، علي اصغر ميمڻ، قاضي فريد، اطهر ميمڻ، وحيد رمضان جوڻيجو ۽ ٻيا گڏ هئا.

ڊسمبر 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو