دادو: 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽن تي ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائڻ جو سلسلو ھلندڙ

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي جي 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽن تي ڪاغذات نامزدگي جمع   ڪرائڻ جو سلسلو جاري،

 دادو جي صوبائي تڪ پي ايس 82 تي پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي سينئر صوبائي وزير تعليم پير مظھرالحق ۽ سندس فرزند اڳوڻي ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق پير ھائوس کان سوين پ پ جي ڪارڪنن، جيالن، مختلف بردارين جي نيڪ مردن، سپورٽرن سان گڏ ريلي جي صورت ۾ آر او آفيس پھچي نامينيشن فارم جمع ڪرايو،

 ان موقعي تي پير مظھرالحق ۽ بئريسٽر پير مجيب الحق صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ حڪومت جي دوران دادو ۾ آء بي انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڪئيمپس، ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال، ڪيڊٽ ڪاليج، باء پاس روڊ، شھيد شاھ جھان پارڪ، ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ شھيد راڻي بينظير ڀٽو ليڊيز پارڪ  جون اسڪيمون ڏنيون ۽ ميرٽ تي ماسترن جون نوڪريون ڏنيون  آهن، ھر چونڊن ۾ اتحاد جوڙيا ويندا آھن اھي ٻڌائين ته انھن 20 سالن ۾ ڪھڙا ڪم ڪرايا ھئا

عوام بھتر ڄاڻي ٿو، ان موقعي تي سولنگي اتحاد ضلع دادو جي چيئرمين وڏيرو محمد حسين سولنگي برادري سميت ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

ڊسمبر 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو