خطو انتھائي اھم آھي جنھن کي ھميشہ نظرانداز ڪيو ويندو رھيو آھي: سسئي پليجو

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي تہ جيترو حق لاھور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي آھي، ايترو ئي حق ھِن خطي جو آھي، ھي خطو انتھائي اھم آھي جنھن کي ھميشہ نظرانداز ڪيو ويندو آھي، ھتي جي وسيلن تي ڌارين جون نظرون آھن،

زمينن تي قبضا ڪرڻ جا سانباھ ٿي رھيا آھن، سنڌو درياءُ تي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ھتان جي ماڻھن ھميشہ قابض قوتن سان مھاڏو اٽڪايو آھي، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ۽ سندس ڀاءُ سرمد پليجو اين اي 225 ۽ پي ايس 76 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ ڊي سي آفيس چوڪ مڪلي تي ھزارين ماڻھن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو، سسئي پليجو چيو تہ اليڪشن مقرر تاريخ تي ٿيڻ سان گڏ صاف شفاف ٿيڻ سان ئي حقيقي عوامي حڪومت جو قيام اچي سگھي ٿو،

عام چونڊون پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مسلسل جھدوجھد جو نتيجو آھي، پيپلز پارٽي جھموري پسند ھجڻ سان گڏ ملڪ جي سلامتي جي ڳالھ ڪري ٿي، ڏکين حالتن ۾ حڪومت ڪرڻ باوجود عوام کي اڪيلو ناھي ڇڏيو، ٻوڏون ۽ ٻيا کوڙ سارا مئسلا ھجڻ باوجود وفاق پاران گھٽ تعاون رھيو ان ۾ پي ٽي آئي ھجي يا مسلم ليگ ن انھن ھميشہ سنڌ کي نظر انداز ڪيو آھي،

آدمشاري ۾ سنڌ سان تاريخي ناانصافي ٿي آھي ٺٽي سميت سڄي سنڌ مان سيٽون گھٽ ڪرڻ سبب ماڻھن ۾ تمام گھڻو رنج آھي،  جيڪا ھتان جي ماڻھن جي حق تلفي آھي، موجودہ حالتن ۾ اسمبلين کي سنڌ دوست نمائندن جي ضرورت آھي، جيڪي قومي معاملن تي خاموش رھڻ بدران آواز بلند ڪن. ھن چيو تہ 18ھين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي ھر وقت تلوار ٽنگيل آھي

 اسحاق ڊار سڄو ڏينھن ان ڪم ۾ لڳل آھي تہ فارمولو ڪئين تبديل ڪجي جيڪو پيپلز پارٽي ڏنو آھي، اسان ڌارين جي لوڌ برداشت ڪندي بہ تاريخي ڪم ڪرايا آھن،  جيڪي مخالفن کي نظر نہ پيا اچن تہ اسان ڇا ٿا ڪري سگھون،

 اسان کي تہ پاڻي جو حصو بہ نٿو ملي قومي اسمبلي ۾ ڳالھائڻ وارن نمائندہ ھجن تہ سنڌ جو ڪيس وفاق ۾ اٿارجي، ۽ عوام بہ ھاڻ قومي معاملن تي پريشان آھي پاڻي تي ڌاڙو خطرناڪ پلان آھي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين خلاف خطرناڪ آھي ٺٽي کي سمنڊ ۽ درياء مان ٻوڏ دوران وڏو خطرو رھي ٿو

 ووٽرن کي گھٽين ۽ باٿ روم وارو سوال ڪرڻ بدران نمائندن کان قومي معاملن تي سوال ڪرڻ کپي جيڪا اسان جي بقا آھي، ڪاميابي صرف ڪرسي جو نالو ناھي ھو عوام ۽ ڌرتي لاء ويڙھ ڪرڻ جو نالو آھي.

ڊسمبر 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو