ڏوڪري: عورت پاران احتجاج ڪندي اڳوڻي مڙس کان تحفظ جو مطالبو ڪيو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ هڪ عورت احتجاج ڪندي اڳوڻي مڙس کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. ڏوڪريءَ جي ڳوٺ گولي مار چانڊيو جي رهواسڻ عورت سڪينا چانڊيو ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو داهيندي چيو ته کيس اڳوڻي مڙس منير چانڊيو مان جان جو خطرو آهي جيڪو روز کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته هن پنهنجي مڙس کان عدالت ذريعي طلاق حاصل ڪئي آهي پر هاڻي سندس اڳوڻو مڙس لاڙڪاڻي واسي منير چانڊيو، سندس اڳ ڄاوا پٽ سعيد، راشد، مسعود، پرويز ۽ زاهد چانڊيو کيس مارڻ لاءِ هٿياربند ٿي اچن ٿا ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

هن ٻڌايو ته سندس والد وفات ڪري ويو آهي ۽ هوءَ ڳوٺ گوليمار چانڊيو ۾ پنهنجي پيرسن ماءُ سان گڏ رهندي آهي جڏهن ته کيس ڀاءُ ڀيڻ پڻ نه آهن جنهن سبب سندس پوئواري ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي جيڪو کيس تحفظ ڏئي سگهي. احتجاج ڪندڙ عورت سڪينا صحافين کي ٻڌايو ته هوءَ سخت خوف ۾ مبتلا آهي

جنهن سبب هوءَ علاج لاءِ اسپتال به نه ٿي وڃي سگهي. ڳوٺ گوليمار چانڊيو جي رهواسڻ سڪينا چانڊيو مطالبو ڪيو ته کيس اڳوڻي مڙس کان تحفظ ڏنو وڃي جيئن سندس جان بچي سگهي.

ڊسمبر 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو