سکر: مختلف شعبن ۾ بھترين ڪاردگي جي حوالي سان ڊبل سيڪشن ھاءِ اسڪول ۾ تقريب منعقد
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول بئراج ڪالوني سکر ۾ انٽرنل انسپيڪشن / ٽيسٽ جي آيل نتيجن جي پيش نظر , اسڪول جي سربراه , ماھر تعليم سينيئر ھيڊ ماستر محمد حسن ٻرڙو جي ھدايتن تي حسن ڪارڪردگيء جي مڃتا طور انعامن ورھائڻ جي ھڪ شاندار ۽ پر وقار تقريب اسيمبلي گرائونڊ تي ٿي گذري . ھن تقريب جي صدارت اسڪول جي سربراه محمد حسن ٻرڙو ڪئي. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي . تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ بھترين ڪاردگيء جي بنياد تي” حسن ڪارڪردگيء جا تعريفي سند “ استادن کي ڏنا ويا . شاگردن کي سندس بھتر ڪارڪردگيء تي ٽرافيون ڏنيون ويون . ڪلاس رومس کي سنوارڻ ۽ سيگارڻ تي پڻ ڪلاس ٽيچرس کي ” بھترين ڪلاس “ جا انعام ڏنا ويا.
اسڪول جي سربراه محمد حسن ٻرڙو سينيئر ھيڊ ماستر استادن شاگردن ۽ اسڪول جي ٻئي عملي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاميابين جا حدف تڏھن حاصل ٿيندا جڏھن اسان پنھنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيء جو جائزو وٺندا آھيون ته ,
اسان ڪٿي بيٺا آھيون , ۽ اسان کي ڪٿي ھجڻ گھرجي . الله تعالي به ان قوم جي تقدير ۽ قسمت ۾ ترقيون عطا ڪندو آھي جيڪا قوم خود پنھنجي تقدير ۽ قسمت بدلائڻ لاء پاڻ محنت ۽ ڪوشش ٿو ڪري , سو پيارا ٻارؤ جن ٻارن پوزيشنون حاصل ڪيون آھن , انھن ٻارن کي مبارڪون ۽ جيڪي ٻار پوزيشن نه کڻي سگھيا آھن،
اھي وڌيڪ محنت ڪن ۽ پوزيشن حاصل ڪن . محنت ڪاميابيء جي ضمانت آھي . اسان ھن وقت زندگيء ۾ ڪاميابين ماڻڻ لاء ھڪ مقابلي مان گذري رھيا آھيون ۽ ان مقابلي ۾ ڪاميابيون تڏھن ملنديون جڏھن اسان سڀ پنھنجي حصي جو ڪم محنت سان ڪنداسين , ان ڪري مون سميت , استاد , شاگرد ۽ پڻ ٻيو عملو دل جمعي سان محنت ڪري.
سياري جي موڪلن ۾ پڙھڻ جو ٽائيم ٽيبل ٺاھي مطالعو ڪريو ۽ امتحانن جي تياري به ڪريو. پوزيشن ماڻيندڙ ھيٺين ٻارن کي اسڪول جي سربراه محمد حسن ٻرڙو چيف ھيڊ ماستر ٽرافيون ڏنيون .
پھرين پوزيشن ماڻيندڙ,علي سرمد ڏھون اي , سشيل ڪمار ڏھون بي, عبدالسلام نائون اي , اعزاز احمد سولنگي نائون بي ,فرحان احمد اٺون اي , محمد حسين مھر اٺون بي , محمد شعبان ستون اي , عبدالباسط ستون بي , محمد حسن مڱڻيجو ڇھون اي, عبدالسفيان مھر ڇھون بي
ٻي پوزيشن ماڻيندڙ ,
اسرار احمد ملاح ڏھون اي, محمد طلحه ڏھون بي , نثار احمد نائون اي , طاھر حسين نائون بي ,سمير حسين اٺون اي
يثرب اٺون بي,محمد يونس ستون اي,ذوالفقار علي ستون بي, شھير شبير ڇھون اي,اياز احمد جمالي ڇھون بي
ٽين پوزيشن ماڻيندڙ ,
محمد حسنين ميمڻ ڏھون اي, عبدالصمد ڏھون بي,ھالاراحمد ميمڻ نائون اي ,حامد حسين نائون بي , عبدالقيوم اٺون اي ,اجيت ڪمار اٺون بي , محمد عثمان ستون اي , عبدالرحمن ستون بي , محمد اسحاق ڇھون اي , عبدالحسيب ڇھون بي شامل آھن .
ھيٺين استادن کي مڃتا ايوارڊ ” تعريفي حسن ڪارڪردگيء جا سند “ ڏنا ويا .
مشتاق علي لنڊ ,اشفاق حسين ميمڻ ,محمد شعيب بٽ ,طارق حسين ناپر ,عامر حسين ڏھر,دانش وقار منگي ,حمزه عبدالرحمن ۽ عبدالله زبير انصاري شامل آھن .
ڊسمبر 22, 2023