سيوهڻ: پيپلزپارٽي اڳواڻن پاران اليڪشن فارم وٺڻ جي شروعات

Spread the love

سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سال 2024 جي  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ملڪ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ عام اليڪشن ڪرائڻ جو شيڊول جاري ٿيئڻ کان پوء ضلع ڄامشورو ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان اليڪشن فارم وٺڻ شروع ٿي ويا آھن،

 ذريعن کان اھيو معلوم ٿيو آھي تہ ضلع ڄامشورو جي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پڻ فارم ڀرائڻ لاء ڪوششون جاري ء ساري ،  پي ايس 77 سيوهڻ تي پ پ پ اميدوار، اڳوڻو وزيراعلي سنڌ سيد مرادعلي شاهہ 22 ڊسمبر بروز جمع تي صبح 10بجي آر او آفيس سيوهڻ ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو، ان کانپوء  سيد مرادعلي شاهہ قافلي جي صورت ۾ ڄامشورو روانوٿيندو،

 جتي سردار سڪندر علي راهپوٽو قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 226 لاء نامزدگي ڪاغذ ڊي آر او آفيس ۾ جمع ڪرائيندو، ۽ سردارملڪ اسد سڪندر ڪوٽڙي تڪ تي اميدوار طور پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو، باقي ٿاڻي بولاخان جي تڪ جي اميدوار جي خبر نه پئجي سگھي آھي.

ڊسمبر 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو