آفيس وقت دوران پنهنجا فرائض ايمانداري سان ادا ڪيو: ارشاد علي خاصخيلي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ 2 دادو ارشاد علي خاصخيلي عدالتي ڪيس اڪلائڻ واري ڪارڪردگي تي اسٽاف کي اعزازي سرٽيفيڪيٽ سان کين نوازيو،ڪورٽ ريڊر جاويد ڪمال سومرو، ڪلارڪ ياسر مشتاق شيخ ، بيلف زاهد حسين شيخ، ڪاپيئيسٽ شڪيل احمد لاشاري، نائب قاصد نور محمد ڀٽي ۽ شاهد سولنگي شامل آهن
ان موقعي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ 2 دادو ارشاد علي خاصخيلي عدالتي عملي کي هدايت ڪندي چيو ته آفيس وقت دوران پنهنجا فرائض ايمانداري سان ادا ڪيو
۽ پنهنجي ڪاگردگي اڃا بهتر ڪيو، ان موقعي تي فرسٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ايم ٽي ايم سي عرفان ﷲڦل، فيملي جج سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ نظام علي اڄڻ موجود هئا.
ڊسمبر 20, 2023