چوٽياريون: نئين سال جي آمد، چوٽياريون ڊيم جي بقار ليڪ ريزارٽ تي اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

چوٽياريون ( رپورٽ: علي گل منڱريو) نئين سال 2024 جي آمد جي آجيان لاءِ چوٽياريون ڊيم جي بقار ليڪ ريزارٽ تي منعقد ٿيندڙ 2 روزهه مکي فيسٽيول جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جو اجلاس مجيد مڱريو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻئين مکي فيسٽيول دوران سال 2023 جي آخري سج کي ٻيڙين ۾ چڙھي چوٽياريون ڊيم اندر الوداع ڪرڻ،

سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي، مشاعرو,اسڪول جي شاگردن جا پروگرام، سگهڙ ڪچهري ۽ محفل موسيقي, ٻيڙين جي ريس سميت ٻيا پروگرام منعقد ڪرڻ بابت حتمي صلاح مشورا ڪيا ويا، گڏجاڻي دوران مکي فيسٽيول  جي مختلف پروگرامن ۽ انتظامن بابت ذميواريون ورهايون ويون اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مکي فيسٽيول (2) 31 ڊسمبر کان پھرين جنوري تائين جاري رھندو.

اجلاس ۾ ايوب گل مجيد مڱريو علي اڪبر جوڻيجو واحد بخش شر رضا محمد راڄڙ حيات خاصخيلي اعجاز راڄڙ حضوربخش مري معشوق علي مڱريو سيد علي حسن شاھ سيد مشتاق علي شاھ انور راڄڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ڊسمبر 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو